سنڌ سدائين سورن ۾ رهي آهي، سنڌ جو نصيبو سڻائو نه رهيو آهي، سندس سورن جي تاريخ ڀري پئي آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ پنهنجي تاريخي حيثيت وڃائي چڪي آهي، جنهن سبب هر دور ۾ نئين پيڙاءَ ۽ سازشن جي ور چڙهيل رهي ٿي، جن کان ڇوٽڪارو وري به سندس تاريخي حيثيت جي بحالي ۾ ئي آهي، اها بحالي ڀلي اچي اسان سندس آجيان ڪنداسين پر موجوده وقت ۾ ته سنڌ پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ پڪاري پئي، سڏي پئي، سنڌ عرصي کان ناانصافين جي هٿن ۾ نپوڙجي رهي آهي، سندس وسيلن، تيل، ڪوئلي، گيئس تي ته ڄڻ سنڌ جو حق ئي ناهي! جو ان وسلين جي سائيٽ ۽ ڪيمپ تي سنڌي ماڻهو کي نوڪري ڏيڻ ته وڏي غميت هوندو آهي ورلي ڪو هڪ ٻه ماڻهو نوڪري ۾ ملندو، باقي ته پٽيوالي، چوڪيداري جون نوڪريون به سنڌين لاءِ ناهن، هاڻي ته سنڌ جي وسيلن جي سائيٽ ۽ ڪيمپن لاءِ اها ڳالهھ به مشهور ٿي وئي آهي ته مسجد جو پيش امام به ٻين صوبن مان گهرايو ويندو آهي پر سنڌ جي مولوي صاحب کي مسجد ۾ پيش امام جي نوڪري به نه ڏني ويندي آهي، سنڌ 75 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏئي ٿو ان جي بدلي ۾ سنڌ کي ڇا ٿو ملي؟ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري، هاڻي ته پاڻي مٿي کان چڙهي ويو آهي، سنڌ جي وسيلن تي قبضي کانپوءِ جاگرافي تي قبضو ڪرڻ جا آرڊيننس آندو ويو آهي، معني جنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ اُٺ ٻڌل آهي اهو وڻ ئي کائي پيو، صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضو سنڌ جي جاگرافي تي قبضو آهي، جنهن تي سنڌ جا ماڻهو ڪاوڙجي اٿيا آهن ۽ سجاڳ ٿي سندرا ٻڌي جدوجهد جي ميدان تي نڪري پيا آهن، تنهن ڪري پاڻ به خاص طور تي هن مضمون ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي تحريڪ جو جائزو وٺڻ ضروري سمجهو ٿا، سڀ کان پهرين ته ٻيٽن تي قبضي خلاف جدوجهد جي ميدان جو جائزو وٺنداسين ۽ ڏسنداسين ته ڪير ڪهڙي پوزيشن ۾ نظر اچي ٿو، ٻيٽن جي معاملي ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت کي وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن، رڳو قرارداد پاس ڪرڻ ناڪافي آهي، صدارتي آرڊيننس رد ٿيڻ تائين ٻيٽن جي تحريڪ مان پاڻ کي آجو ڪرڻ تاريخ ۾ پاڻ کي معياري ڪرڻ آهي، خير اهو حڪمران پارٽي تي ڇڏيون ٿا ته ٻيٽن واري تحريڪ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪري ٿي يا نه پاڻ واپس اچون ٿا سنڌ جي مٽي کي چمي ماٿي لائيندڙ سنڌ جي جوڌن پٽن ۽ ڌيئرن ڏانهن جن وٽ سنڌ فقط زمين جو ٽڪرو نه پر امڙ جيجل جو درجو رکي ٿي. سنڌ امڙ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف جدوجهد تي نظر وجهنداسين ته ان جدوجهد ۾ سنائي سيد سائين جي ايم سيد جو خاندان سيد جلال محمود، سيد ذين شاھ جي روپ ۾ سرگرم نظر اچي ٿو، سيد جي خاندان کان سواءِ سيد جا نظرياتي وارث شهيد بشير خان قريشي جي پٽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي قيادت ۾ منظم انداز سان جدوجهد جو سينگار بڻيل نظر اچي ٿا، جنهن پنهنجي پارٽي پاران ٻٻرلو بائي پاس تي هزارين ماڻهن جو ڌرڻو هڻي اهو ثابت ڪيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد جو ڏانءُ ۽ طريقار سندس ئي پارٽي وٽ آهي، ٻٻر لو باءِ پاس جو ڌرڻو ٻيٽن جي تحريڪ جو نمايان حصو آهي، سنڌ ۾ سياسي تربيت ۽ آرگنائز نموني سنڌ جي سياست ۾ سرگرم ڪردار رسول بخش پليجو جي پارٽي عوامي تحريڪ سندس ئي تعليمات مان تيار ٿيل رسول بخش خاصخيلي ڄڻ ته دودي جي للڪار بڻجي ڀرپور ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو، سندس پارٽي اڪيلي سر به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هزارين ماڻهن جو احتجاج رڪاڊ ڪرائي چڪي آهي، سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي به پاڻ ملهائي رهيو آهي، سندس پارٽي به سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي ۾ گورنر هائوس اڳيان احتجاج ۾ اڳڀري رهي آهي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جو ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين مارچ به ٻيٽن جي تحريڪ جو سگهارو حصو رهيو آهي، پر سڀ کان نمايان ۽ سگهاري ۽ مرحليوار جدوجهد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي رهي آهي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ اياز لطيف پليجو کان سواءِ مٿي ذڪر سڀئي پارٽيون ۽ اڳواڻن سميت جيئي سنڌ قومي پارٽي جو سربراهه نواز خان زئور، پورهت انقلاب پارٽي جو مصور شاھ، ڪميونسٽ ليبر پارٽي جو بخشل ٿلو سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن جي تنظيم سنڌي ادبي سنگت به شامل آهي، جنهن سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌين جو سمنڊ وٺي ڪراچي ۾ گورنر هائوس اڳيان ڌرڻو هڻي هڪ دفعو وري گڏيل آواز ۽ طاقت سان ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري صدارتي آرڊيننس کي پُرزا پُرزا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ٻيٽن جي تحريڪ کي وڌيڪ منظم ۽ آرگنائز ڪجي، ڇاڪاڻ ته اتحادن جي سياست يا جدوجهد ۾ وڏي ذميواري، سهپ، برداشت، رواداري، سُٺن روين جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ کوٽ نظر اچي ٿي، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
466