ضلعو گهوٽڪي جيڪو قبائلي سردارن جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان توڙي پنجاب تائين مشهور ۽ وڏي اهميت رکندڙ ضلعو آهي، جنهن ۾ لنڊ، پتافي، مهر، بوزدار، گبول، گڏاڻي، گهوٽا، شر ۽ ڏهر سميت ڪيترن ئي قبائلي برادرين جا چيف سردار رهن ٿا، ان سان گڏوگڏ صنعتي زون جو پڻ درجو مليل هجڻ ڪري ڪراچي کانپوءِ ٻئي نمبر تي سرڪار کي ٽئڪس ڏيندڙ ضلعو گهوٽڪي پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي، هن ضلعي ۾ صنعتي ادارن جو وڏو انگ جنهن ۾ ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري، اينگرو ڪيميڪل ڀاڻ فيڪٽري، لبرٽي پاور پلانٽ، فوجي فائونڊيشن پاور پلانٽ، اينگرو انرجي پاور پلانٽ، قادرپور گيس فيلڊ، ماڙي گيس پيٽروليم ڪمپني، تلو گئس فيلڊ، رحمت گيس فيلڊ، پنج شوگر، ڦٽين جي ڪارخانن جي وڏي تعداد سان گڏوگڏ سيلر پڻ هجڻ سان گڏ ننڍا صنعتي يونٽ پڻ وڏي انگ ۾ موجود آهن، جنهن ڪري ضلعو گهوٽڪي صنعتن سان مالا مال هجڻ ڪري پنجاب ۽ سنڌ جي بارڊر تي سنڌ جو پهريون ضلعو ڳڻيو وڃي ٿو پر بدقسمتي سان ضلعي گهوٽڪي جو باشعور عوام قبائلي ريتن رسمن ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري قبائلي تڪرارن سميت ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري صنعتي ادارن ۾ پنهنجو حق حاصل نه ڪري سگهيا آهن، جنهن ڪري صنعتي ادارن ۾ آفيسرن سان گڏوگڏ ننڍا ملازم پنجاب ۽ ٻين صوبن سان واسطو رکندڙ وڏي تعداد ۾ پرمننٽ نوڪرين تي مقرر ٿيل آهن ۽ مقامي سنڌي نوجوان پورهيت ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪريون تلاش ڪرڻ ۽ فيڪٽرين جي گيٽن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن يا وري مقامي نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بدران قبائلي تڪرارن سبب هٿيارن جي ڇانءُ ۾ زندگي گذارڻ يا قلم کڻڻ بجاءِ هٿيار کڻڻ تي مجبور آهن، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ضلعي گهوٽڪي ۾ قبائلي تڪرارن ۽ پراڻي ريتن رسمن کان نوجوان طبقو تنگ ٿي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تي خاص توجهه ڏئي تعليم کي وقت جي اهم ضرورت سمجهي، هر ماڻهو تعليم طرف لاڙو وڌائي ڇڏيو آهي، گذريل ٻه ڏينهن اڳ داد لغاري ويجهو اڳوڻي ايم پي اي سردار احمد علي خان پتافي جي اباڻي شهر ڪينجهر پتافي ۾ نوجوانن شفقت منگي، سڌير پتافي، مير مرتضيٰ پتافي ۽ سندس پتافي ويلفيئير جي ساٿين پاران تعليم کي بهتر هٿيار سمجهي نوجوانن کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪتابي ميلو لڳرايو، جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن، نوجوانن، سول سوسائٽي ۽ مختلف برادرين سان واسطو رکندڙ چڱن مڙسن ۽ عام ماڻهن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪتابي ميلي جو افتتاح علائقي جي معززن ضمير ڊار ڪشميري، ڪريم بخش پتافي، عبدالقدير، محمد اسلم لغاري، شبير احمد شر، داد لغاري شهري اتحاد چيئرمين قاري بشير احمد لغاري ۽ ٻين ڪيو، ڪتابي ميلي ۾ نوجوانن وڏي جوش ۽ جذبي سان مختلف ڪتاب جنهن ۾ ادب، جنرل ناليج، سائنس ۽ مختلف ڪورسن جا ڪتاب وڏي تعداد ۾ خريد ڪيا ۽ نوجوانن ڪتابي ميلي ۾ خوب انجواءِ ڪندي ڪتابي اسٽالن تي هڪٻئي سان تعليم جي سڌاري ۽ قبائلي تڪرارن توڙي ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻ بابت ڪچهري ڪندي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بابت چرچا ۽ واعد ڪندي پڻ ڏٺو ويو، ان موقعي تي داد لغاري شهري اتحاد جي چيئرمين قاري بشير احمد چيو ته قبائلي علائقي ۾ نوجوانن پاران تعليم جي زيور کي اهميت ڏئي قبائلي تڪرارن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي رد ڪندي جيڪو ڪتابي ميلو لڳائي نوجوانن کي پهريون دفعو بهتر ۽ هڪ نئون ماحول ڏنو آهي، جنهن ۾ نوجوانن ۽ شاگردن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪري ڪتابن جي خريداري ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته اڄ جو نوجوان قبائلي جهيڙن ۽ ريتن رسمن کان تنگ ٿي تعليم کي بهتر هٿيار سمجهي اڳتي اچڻ چاهي ٿو، پرائيويٽ اسڪولن جي اڳواڻ محمد اسلم لغاري چيو ته نوجوانن پاران داد لغاري ويجهو ٻهراڙي جي علائقي ۾ ڪتابي ميلو لڳائي نوجوانن کي نئون ماحول ڏنو آهي، ان ۾ نوجوانن جي جوش ۽ جذبن مان صاف ظاهر آهي ته ٻهراڙي جي نوجوانن کي جيڪڏهن بهتر تعليم ۽ جاڳرتا مهم ذريعي سٺو ماحول ڏنو ويو ته هو قبائلي ريتن رسمن ۽ تڪرارن کي ٿڏي بهتر تعليم پرائڻ لاءِ تمام گهڻا اڳ ڀرا آهن ۽ ٻهراڙي جي نوجوانن ۾ وڏو شعور ۽ بهتر دماغ سان گڏوگڏ وڏو شوق پڻ آهي ته بهتر تعليم حاصل ڪري اعليٰ مقام حاصل ڪري وڏي عهدي تي فائز ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو جذبو رکندا، ضمير ڊار ڪشميري چيو ته ڪتابي ميلو تعليم جي ميدان ۾ وقت جي اهم ضرورت هئي، جيڪا نوجوانن وقت جي مناسبت سان بهتر قدم کنيو آهي ۽ اڄ جي ڪتابي ميلي مان ظاهر آهي ته نوجوان بهتر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ شوق رکي ٿو ۽ بهتر تعليم لاءِ هو پنهنجي پراڻي روايتن کي ڇڏي پنهنجي تعليم ذريعي ڪردار ادا ڪري پنهنجي علائقي جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو، شفقت منگي چيو ته اسان پرائيويٽ اسڪول ذريعي بهتر تعليم ڏئي رهيا آهيون، ان باوجود اسين پنهنجي علائقي جي سمورن نوجوانن کي هٿن ۾ هٿيار کڻائڻ بدران قلم کڻائڻ لاءِ تعليم جي اهميت ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ لاءِ نوجوانن کي هڪ بهتر ماحول ڏيڻ لاءِ ڪتابي ميلي ذريعي بهتر جاڳرتا مهم جو آغاز ڪيو آهي، اميد ٿا ڪريون ته انهيءَ ڪتابي ميلي مان گهڻو ڪجهه پرائي بهتر تعليم طرف وڌ ۾ وڌ ۾ توجهه ڏيندا، جڏهن ته ڪتابي ميلي ۾ سڌير پتافي، مير مرتضي پتافي، ڊاڪٽر ڪريم بخش پتافي، غالب ڪريم پتافي، لطيف لغاري، عارف مهر، عظيم اکروٽي، عبدالله پتافي، شبير شر، نثار لغاري، ضمير بوزدار، مقصود پتافي پتافي، عبدالقدير پتافي ۽ ٻين چيو ته اڳوڻي ايم پي اي سردار احمد علي خان پتافي جي اباڻي ڳوٺ ڪينجهر پتافي توڙي ڀرپاسي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ کان ڪجهه سال اڳ بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ ڪينجهر سميت مختلف علائقن توڙي شهرن ڏانهن ماڻهو بدامني جي ڪري اچڻ به پسند نه ڪندا هئا پر هاڻي انهيءَ علائقي ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارا بهتر انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سٺا ماڊل اسڪول جهڙا تعليمي ادارا ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان نوازي انهن جي تقدير بدلائي ڇڏي آهي، هنن چيو ته اهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ ڪتابي ميلو لڳرائي شاگردن ۾ تعليم سان لڳاءُ پيدا ڪرڻ تي انڊس ماڊل اسڪول جي انتظاميا جس لهڻي ۽ علائقي جي نوجوانن مان اڃا وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻ جي اميد ڪئي وڃي ٿي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪينجهر پتافي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهندڙ مختلف قبائلي برادرين جا نوجوان بهتر تعليم حاصل ڪري ايندڙ وقت اعليٰ عهدن تي پهچي پنهنجي علائقي سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا، جڏهن ته اهڙي ڪامياب ڪتابي ميلي تي شهري اتحاد داد لغاري جي چيئرمين قاري بشير احمد لغاري ۽ سول سوسائٽي ڊي سي گهوٽڪي ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته داد لغاري، ڪينجهر پتافي، نٿو گبول، گوهر آباد ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ سرڪاري سطح تي اعليٰ سطح جا ڪتابي ميلا، ادبي ڪانفرنس ۽ تعليم جي ميدان ۾ سرڪاري سطح تي چٽا ڀيٽي مقابلا ڪرائي نوجوانن کي هڪ بهتر کان بهتر ماحول ڏئي سٺي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي سرڪاري سطح تي اعليٰ ايورڊ سان نوازيو وڃي ته جيئن نوجوانن ۾ اڃا وڌيڪ بهتر تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ ولولو پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته ضلعي گهوٽڪي جي ٻين وڏن شهرن ۽ تعلقي جو درجو رکندڙ ڏهرڪي، اوٻاوڙو، خانپور مهر ۽ گهوٽڪي توڙي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۾ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا پاران ڪتابي ميلو توڙي هڪٻئي جي اسڪولي شاگردن ۾ مقابلا ڪرائڻ جو ايترو شعور نه آهي، جيترو داد لغاري ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ تقريبن 22 پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميا جو پاڻ ۾ هڪ اتفاق پيدا ڪري پرائيويٽ ڪامپٽيشن بورڊ جوڙيل آهي، جيڪي 22 پرائيويٽ اسڪول آهن، انهن ۾ مختلف وقتن تي تقريري مقابلا، مذهبي تعليم بابت چٽا ڀيٽي، سائنس ۽ مختلف شعبن ۾ شاگردن جا هڪٻئي جي اسڪولن جي مقابلي ۾ گروپس ٺاهي چٽا ڀيٽي مقابلا ڪرائڻ ۽ مختلف اعنوانن تي پروگرام ڪرائي نوجوانن کي مقابلن کانپوءِ ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا ۽ انهن پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن جي ڀيٽ ۾ وڏن شهرن جي پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن جي تعليم ۾ وڏو فرق آهي، ٻهراڙي جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڏي محنت ڪرائي نوجوانن کي تيار ڪرڻ جو هڪ وڏو شعور آهي ۽ پرائيويٽ استادن جو ذاتي شوق پڻ شاگرد کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي ٿو. (ليکڪ: تاج ٽانوري)
285