202

ڪورونا وائرس جي نئين لهر ….

گذريل فيبروري جي شروع شروع ۾ جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا وارَ نوان نوان هئا تڏهن عام ماڻهن سان گڏ سڄي دنيا جا ترقي يافتا ملڪ ٿرٿلي هئا ته آخر هن وبا کي ڪيئن منهن ڏجي يا مقابلو ڪجي، چين مان اڀرندڙ هن آفت سڄي دنيا کي وڪوڙي ڇڏيو هو، ماڻهن جو جيئڻ جنجال هو، هر طرف ٿرٿلو مچيل هو، ترت ئي حڪومتن اپاءَ وٺڻ لاءِ وڏي جاڳرتا هلائي، اخبارون، ٽيلي ويزن، ريڊيو، موبائيل سروس جي ميسيجز، موبائيل جي ٽونز کان وٺي سوشل ميديا جي مهم جوئي ماڻهن کي گهڻو سيکاريو پر اها موسم نارٿ پول ۽ سائوٿ پول جي گرمي ۽ سرديءَ واري موسم هئي، ماڻهن ۾ پوءِ به هڪ زبردست خوف هو ته ان وبا جتي يورپ جي ترقي يافتا ملڪن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، اتي اسان جهڙي فقيري حال جهڙي ملڪ جي ڏتڙيل طبقي کي پنڻ تي پڄائي ڇڏيو، پوءِ حڪومتي عملن جي ساراھ ڇا ڪجي، جيڪي توڻي جو سياسي هئا، معني اتي وفاق ۽ صوبن جي سياست اوج تي هئي، ماڻهن کي ويڙهائي ڇڏيون هين، عام ماڻهو ڄڻ اهو سمجهڻ شروع ڪيو هو ته وبا جي پٺيان به ڪا زبردست سياست لڪيل آهي، جنهن کي جيڪو ٿو پڄي اهو ٿو ڪري، وفاق جتي لاڪ ڊائون جي خلاف ئي رهيو، پر صوبا خاص سنڌ سرڪار پنهنجو پاڻ نڀايو، وزيراعليٰ پاڻ روز جي اپ ڊيٽ ڏيندو رهيو، ڀلا ڪيئن به، پر صرف هڪ ماڻهو جي ڪيس ظاهر ٿيڻ تي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿي ويون، طبي عملي جي کوٽ کان وٺي دوائن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سرڪار پاڻ پتوڙيو، ڀلا ائين به ٿيو ته سرڪاري انڌي منڊي ڪِٽِ سان چيڪ اپ کانپوءِ وري جي ماڻهن پنهنجي هڙان وڙان هڻي پاڻ چيڪ اپ ۽ ٽيسٽون ڪرايون ته اهي نيگيٽو آيون، سياسي جهيڙا ان ڳالهھ تي زور وٺندا رهيا ته آخر ٿئي ڇا ٿو، ماڻهن سان ويساھ گهاتيون پيون ٿين، هڪڙا چون ڪوڙ آهي، ٻيا چون سچ آهي، هڪڙا چون ته ڪِٽون ٻه نمبر آهن، ٻيا چون ته سرڪار پئيسن جي چڪر ۾ آهي، بين الاقوامي امداد يا ڪا ايڊ آهي، جيڪا لڪي ڇپي حڪومتي ڌرين کي ڏني پئي وڃي، يا اهو هو ته ماڻهن جي اعتماد کٽڻ ۾ ڳالھه ڪوڙ ۽ سچ جي وچ ۾ ڦاٿل رهي. وري هڪ زبردست لاڪ ڊائون کان پوءِ (جيڪو هڪ هفتو مس هليو) جنهن جي ٿيڻ سان اوزون جي پردي جي مرمت ٿيڻ وارين رسرچ رپورٽن جي ڀرمار هئي، دنيا جي ڪلائيميٽ ۽ موسمي تبديلين جي ڳالهھ هئي (جيڪا پنهنجي جاءِ تي سو فيصد سچ هئي ته جن ملڪن ۾ سوڪهڙو هيو اتي زبردست بارشون ٿيون، آسٽريليا جي جهنگن ۾ باهيون لڳيون، آسٽريليا جي اهڙين شهرن ۾ مٽي جا طوفان آيا جن وث ماضيءَ ۾ موسم زبردست رهندي آئي هئي، اسان وٽ 300 ملي ميٽرن کاان وڌيڪ جون بارشون ٿيون) پر بحث ته ڪورونا جي مڃڻ يا ٿيڻ واري ڳالهھ جو آهي ته هتي وچ ايشيائي ملڪن جي مذهبي ايمان افروزي کان طبي دنيا جي انقلابي سوچن تائين هو، ماڻهن کي يقين ڏيارڻ وڏو مسئلو هو (۽ آهي) ته انهن کي احتياط ڪيئن ڏسجن يا ٻڌائجن پر تڏهن جڏهن ڪو مڃي به ۽ عمل به ڪري ماڻهن کي سوشل ڊسٽنس سيکاريو ويو، ته هڪ ٻئي کان پري رهو، پر انهن ته رمضان جي عيد يا روزن جي دوارن بغير ڪنهن احتياط جي بنا ڪنهن سوشل ڊسٽينس يا سماجي وٿي جي، ماسڪ پائڻ بنا اهي سڀ ڪم ڪري ڏيکاريا جيڪي سوشل ڊسٽنس جي زمري ۾ اچن پيا، انهن ماڻهن سان ته ميل جول رکي، جمعي جي نمازن نه ٿيڻ تي وڏا احتجاج ڪري ڏيکاريا ته ڪورونا جو ڊڄ رڳو نمازين جي لاءِ ناهي، بازارين ۾ ته ماڻهن جي اچ وڃ خوب کان خوب تر آهي، اتي ماڻهو اچن وڃن ٿا، اتي ته خريداري ڪن ٿا، سڀ کان وڏي ڳالھ ته مٿاڇرن کي ڇهڻ جي آهي، جن کي هٿ لائڻ جي منع آهي ته هزارين سوين ماڻهو انهن کي هٿ لاهن ٿا، ان ڪري احتياط خاطر انهن مٿاڇرين کي نه ڇهيو يا هٿ نه هڻو، پر ماڻهن ته انهن کي هٿ لاهڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، انهن مٿاڇرن کي هر هر هٿ لاهي ثابت ڪين ته ڪورونا ڪجهھ نه ڪندو، ڪورونا ڪو گوليون ٿورئي هڻندو، معني دروازن جي هينڊلن کي هٿ نه لائجي، پر کولجي ڪيئن، مسجد جي پاڻي جي نلن کي ڪيئن کولجي (سواءِ انهن جي جن سينسر هجي ٿو) وري بسن ۾ سفر ڪرڻ دوران بسن جي دروازن کي هٿ لائڻ بنا ڪيئن سوار ٿجي، معني بحث ڊگهو آهي، ڇو ته سواءِ هٿ لائڻ جي شين کي کڻجي ڪيئن؟ شين کي هلائجي ۽ وٺجي ڪيئن؟ گلوَز ڪيترا پائجن، يا انهن مٿاڇرن کي بنا ڇهڻ جي ڪم ڪيئن هلائجي، ڳالھه ايڏي مشڪل آهي، جو اها فلاسافي ماڻهن جي سمجهڻ کان ڳوري آهي، (ان ڪري وائرس ڦهلائڻ وارين قوتن يا ڪارندن کي گهرجي ته اهڙو وائرس نه ڦهلائن جنهن جي سمجهائڻ جي گنجائش نه هجي) يا يورپ ۽ ايشيائي ماڻهن جي رهڻ ڪهڻ جي فرقن کي گهٽ ۾ گهٽ سمجهن، اسان وٽ ڀلي ٽي بي وگهي 510،000 ماڻهو مرن اها سمجهھ ۾ اچي ٿي، ڇو ته اتي به ماڻهو هڪ آسوليشن ۾ هليو ٿو وڃي، وڏي احتياط جي ضرورت سمجهي ٿو، گهر ڀاتين کان پاسي تي ٿو رهي، کائڻ پيئڻ جا ٿانوَ الڳ ٿو ڪري، ڀلي مرندي مري وڃي پر انهن حقيقتن کي پوءِ مڃي ٿو ته اها وچڙندڙ بيماري آهي ۽ ”انهيرٽڪ“ به آهي، معني ماءُ کان يا پيءَ کان ٻارن تائين شفٽ ٿئي ٿي ۽ انهن يا اهڙن مريضن سان جيڪو گڏ کائي پيئي ٿو ان کي به وچڙي سگهي ٿي، پر اها ته اهڙي حقيقت آ جنهن کي عام ماڻهو سمجهي ٿو پر ڪرونا کي سمجهڻ ۽ احتياط ڪرڻ ۾ صديون لائيندا پر سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کان بنھه قاصر آهن (۽ رهندا) وري 250،000 ماڻهو دل جي مرض ۾ مبتلا هجن ٿا، معنيٰ هر سال ايترا ماڻهو ان مرض وگهي مرن ٿا پر اهو مرض وري هڪ خاص طبقي (ڪنهن حد تائين هيٺين طبقي کي به وڇڙي ٿو) پر ان مرض ۾ مبتلا ماڻهو ته زندگي جي بازي هارائي ٿا ويهن پر اها حقيقت به ماڻهن تائين عيان آهي ته اهي ان مرض جي هجڻ جو ايمان رکن ٿا پر ڳالهھ وري به ان ڪورونا جي آهي، جنهن جا هاڻي روز جا 1028 مريض شناخت ٿين ٿا (يا وڌيڪ) جيڪي گذريل ٻن مهينن جو رڪارڊ آهن، پر ماڻهو ته پوءِ به احتياط ڪرڻ کان وانجهيل آهن، انهن کي اهي احتياط سمجهائڻ کان پوءِ به اهو سمجهائڻ ڏکيو آهي ته اهي سماجي وٿي رکي ان مرض کان بچي سگهن ٿا پر اسان وٽ ته اهو مايوب آهي ته اسان عام ماڻهن کان پري رهون، انهن کي هٿ نه ڏيون، ڀاڪر پائي نه ملون، گذريل مذهبي ميڙاڪن جي صورت ۾ اسان انهن احتياطن کان وانجهيل رهياسين، ٻن عيدن جي ملهائڻ کان پوءِ وري محرم جي سڀني ميڙاڪن کان پوءِ اسان اچڻ وڃڻ عام ڪيو، بسن جي سفر ۾ ڪو احتياط نه ڪيو، هوائي جهازن جي سفر ۾ سماجي وٿي کي مايوب سمجهيو، وري ٻارن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن کلڻ سان به ان سماجي وٿي جو فقدان رهيو، انهن جي ميل جول به رهي، يا وري اهو به آهي ته رڳو ٻارن جي اسڪولن ۾ سماجي وٿي جا قائل رهياسين پر اسان گهريلو ميل جول يا پاڙي اوڙي ۾ وڃڻ جام ڪيو، اٿڻ ويهڻ ۾ اها ئي اسپيڊ رکيسين جنهن جو اسان احتياط نه ڪيو، پر انهن سڀني ڳالهين جو اثر ته مليل جليل ۾ رهيو، معنيٰ انهن جو اثر ته وري گهر تائين ڦري گهر رهيو، اسان ڪنهن سان ملون پر وري به موٽي گهر ٿا اچون پوءِ ان جو اثر گهر کڻي ٿا اچون جيڪو اسان جي سمجھه ۾ اچڻ وارو ناهي، اسان ان کي اڃان مذهبي رنگن ۾ اڏائي ٿا ڇڏيون ته اهو آهي ئي يورپ وارن جو، پوءِ اهي ڄاڻن انهن جا ڪم، اسان انهن جي وائرس سان ڇا؟ سخت ۽ شديد ضرورت پٽاندر گهر کان ٻاهر نڪرون، نه ته گهر ۾ رهون، پر اسان ته مارڪيٽن ۾ رش ڪري هلڻ وارا آهيون، هوٽلون به کولي رکون، شادي هال به کلي ويا، سينيمائون به کولي ڇڏيون، معني جتي اجتماع ڪرڻ منع هئي اتي اسان اهي سڀ شروع ڪيا، اهي سڀ ميڙاڪا ڪري اسان ثابت ڪيو ته ڪرونا جو ڊرامون اسان وٽ هلڻ وارو ناهي، ڀلي سڄي دنيا بند ٿئي پر اسان جي آڏو انهن جي نه هلندي، اسان جي احتياطن جي دنيا ٻي آ، اسان ته انهن جي انهن ڳالهين تي عمل بنھ نه ڪيو، وري سينيٽائيرز جي استعمال جي ڳالهھ ته پري رهي اسان وٽ هر هر هٿ ڌوئڻ به وقت جو زيان سمجهيو ٿو وڃي، انهن ڳالهين ۾ ڪير پئي، انهن احتياطن ۾ ٽائيم جو زيان آهي، اسان اڃان انهن احتياطن کي ”سيريس“ ناهي ورتو، جيئن زلزلي جي ”آفٽرشاڪس“ کي خطرناڪ ليکيو ويندو آهي، ائين کي هن جي ٻي لهر ايتري ئي خطرناڪ آهي پر هي ته وبا جي صورت آهي، جنهن جي وري وري اچڻ جي ڳالھه سچ آهي، جنهن جي احتياط نه ڪرڻ سان ملڪ وري هڪ دفعو ٻيهر وري لاڪ ڊائون جهڙي صورتحال ۾ وڃي سگهن ٿا، هونءَ ته دنيا کي خطرناڪ وائرسز جو منهن ته ڏسڻو آهي، معني هر سال گليشيئرس جو پگهرجڻ سان به وائرس جو خطرو هوندو ڇو ته انهن ۾ مري يا دٻجي ويل جانور پاڻيءَ جي صورت وهي اچڻ ۾ دنيا جي لاءِ خطري جو باعث هوندا، جتان بيمارين جي وهي اچڻ جو انديشو رهي ٿو، وري ڳالهھ اها به آهي ته جيڪي جانور يا ماڻهو مختلف کاڌا کائڻ وارا هڪ ملڪ يا هڪ خطي کان ٻئي خطي ۾ سفر ڪن ٿا اهي به بيمارين يا وائرس کڻي اچڻ جا باعث هجن ٿا انهن کان بچڻ جي صرف هڪ ئي واھ آهي ته احتياط ڪجي ته جيئن اهڙين بيمارين يا وائرس کان زندگي کي محفوظ بڻائي سگهجي. (ليکڪ: رياض ابڙو)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو