گلگت بلتستان ۾ چونڊن جا نتيجا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب سرڪاري پارٽي پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن ميدان ماري ورتو آهي، ميڊيا تي آيل نتيجن موجب 23 سيٽن مان 10 سيٽون تحريڪ انصاف، 3 پاڪستان پيپلزپارٽي، 2 سيٽون (ن) ليگ حاصل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته 7 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان جي آئين ساز اسيمبلي جون ڪل 24 سيٽون آهن، جن مان هڪ اميدوار جي لاڏاڻي سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي، تنهن ڪري 23 سيٽن تي ووٽ وڌا ويا، چونڊن ۾ چئن عورتن سميت 330 کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو. هي پهريون دفعو آهي جو گلگت بلتستان ۾ چونڊون وڏي جوش ۽ خروش سان ٿيون آهن ۽ عوام ان ۾ ڀرپور حصو به ورتو آهي، سخت سرديءَ ۽ برفباري باوجود نوجوان توڙي پوڙها ۽ عورتون گهرن مان نڪري آيا ۽ پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪيو. اڪثر پولنگ اسٽيشنن تي ڊگهيون قطارون پڻ رهيون. عوام جي اهڙي جوش ۽ جذبي مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته ملڪ اندر ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اهي ووٽ کي پنهنجي طاقت سمجهي رهيا آهن، پر اها الڳ ڳالهه آهي ته ملڪ اندر اڃا تائين اهڙو شفاف چونڊ عمل نه اچي سگهيو آهي جنهن سان عوام سميت سموريون ڌريون مطمئن ٿي سگهن ۽ چونڊ نتيجن کي مڪمل طور قبول ڪيو وڃي. اتان جي عوام ته پنهنجو فرض پورو ڪيو پر بدقسمتي سان ملڪ جيان گلگت بلتستان ۾ به چونڊ نتيجا معمول موجب تڪراري بڻجي ويا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ مخالف ڌر جي گڏيل اتحاد پي ڊي ايم چونڊ نتيجن کي مڪمل رد ڪندي حڪمران پارٽي مٿان ڌانڌلين جا الزام هنيا آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڄ احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ان ۾ پاڻ به شرڪت ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪمران پارٽي جي ڪنهن به قسم جي تياري نه هئي، تنهن ڪري سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته چونڊن ۾ پوءِ انهن جا اميدوار ڪيئن کٽي ويا؟ هن چونڊ عمل ۾ ٻين به ڪيترين ئي خامين جي نشاندهي ڪندي چيو آهي ته ڌانڌلي ڪري عوام جي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پڻ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جي چئن اميدوارن کي ڦيرائي پي ٽي آءِ چونڊون کٽيون آهن، پي ڊي ايم پاران اهڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شٽر ڊائون ۽ لانگ مارچ تي غور پڻ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت مخالف ڌر جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته چونڊون شفاف ۽ صاف سٿريون ٿيون آهن، تنهن ڪري مخالف ڌر کي ان کي قبول ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام پي ٽي آءِ کي ڪامياب ڪري پي ڊي ايم جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سرڪار پنهنجي حق ۾ ٻيا به ڪيترائي دليل ڏنا آهن پر اها حقيقت آهي ته ملڪ جي عام چونڊن جيان گلگت بلتستان جي چونڊن تي پڻ مخالف ڌر سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ هڪ نئين تڪرار جنم ورتو آهي. مخالف ڌر جي پارٽين چونڊ نتيجن تي جيڪو ردعمل ڏنو آهي ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي رهي آهي ته اهي ان معاملي تي خاموش نه ويهندا ۽ هڪ نئون احتجاج جنم وٺندو. ڏسجي ته اها صورتحال ڪٿي دنگ ڪري ٿي؟ پر جيڪي نتيجا آيا آهن انهن موجب پي ٽي آءِ آزاد اميدوارن سان ملي آساني سان گلگت بلتستان ۾ به پنهنجي حڪومت ٺاهي وٺندي. وفاقي حڪومت جي وزيرن جو چوڻ آهي ته چونڊجي آيل 7 اميدوارن مان 4 اهڙا اميدوار آهن جن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي پر هنن انهن کي ٽڪيٽون نه ڏنيون هيون، ان جو مطلب اهو آهي ته ڳالهه ٺهي پئي آهي ۽ پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار ملي جلد پنهنجي حڪومت ٺاهي ويندا. هن چونڊن جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فرزند بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ چونڊن جو جادو جڳايو ۽ هن شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهچي عوام کي سرگرم ڪيو. عام طور تي گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سان پراڻي وابسطگي رکندڙ ماڻهو پڻ آباد آهن ۽ پهريون ڀيرو جيڪي چونڊون ٿيون هيون اهي پيپلزپارٽي ئي کٽيون هيون. هن ڀيري وري ڪجهه نتيجا اهڙا آيا آهن جو گلگت بلتستان جي مشهور شخصيت ۽ اڳوڻو وڏو وزير سيد مهدي شاهه پڻ هارائي ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ وارو اميدوار کٽي ويو آهي. بهرحال ملڪ اندر اقتدار جي اها جنگ ڊگهي عرصي کان ائين ئي هلندي پئي اچي ۽ اها تيستائين جاري رهندي جيستائين ملڪ اندر مڪمل شفاف چونڊ عمل نه ٿو اچي، عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته هر حڪمران پارٽي باقي علائقائي چونڊن ۾ فتح ماڻي وڃي ٿي پوءِ اها اتي وڃي يا نه وڃي، هن ڀيري به ڪجهه ائين ئي نظر اچي رهيو آهي، بهرحال مخالف ڌر کي مطمئن ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واسطيدار ادارن جي ڊيوٽي آهي، ڪاش واسطيدار ادارا چونڊ عمل شفاف بڻائين ته جيئن بار بار اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي، جيڪا ٿيندڙ هر چونڊ کانپوءِ جنم وٺي رهي آهي…!!
252
“گلگت بلتستان جي چونڊن جا آيل نتيجا…!!” ایک تبصرہ