204

تعلقي خانڳڙهه ۾ لائبرري قائم ڪرڻ وارو زور وٺندڙ مطالبو..!

گھوٽڪي  ضلعي جي وڏي آبادي رکندڙ تعلقو خانڳڙهه به تعليمي سرگرمين ۾ گهڻو پوئتي آٓهي، ڪٿي اسڪول آٓهن ته اُهي بااثرن جا واڙا بڻيل آهن ۽ ڪٿي وري اسڪول آٓهن ته اُتي استادن جي مقرري ناهي، اھي سڀ سور پنهنجي دل ۾ سانڍيو وقت سر رڙيون ڪندا پيا اچون پر دانهن ورنائڻ وارو ڪونه ٿو ملي پر اسين واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻاروچن جي واري پھاڪي جيان بار بار اختيار ڌڻين جو ڌيان ڇڪائيندا رهنداسون، اسين چاهيون ٿا ته سياست جي ميدان ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ڏتڙيل عوام جي صحيح معنيٰ ۾ نمائندگي ڪن، اھو سڀ ڪجھه تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ حقيقي طرح سان شعور جي لاٽ روشن ڪئي ويندي. اڄڪلهه اسان جا نوجوان تعليمي ميدان ۾ گهڻو پٺتي پيل آٓهن، جن کي بھتر تعليم ۽ ھنر ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمتِ عملي جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي. ته جيئن نوجوانن جي تعليمي معيار کي بُلند ڪري سگهجي، ان جي لاءِ هر ضلعي ۽ تعلقي ليول تي لائبريريون کوليون وڃن ته جيئن مستقبل جا معمار پنهنجي منزل جي حاصلات ڪري سگهن. اسان تعلقي خانڳڙهه واسي به سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير ۽ ھتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا نوجوان طبقي کي تباهي کان بچائيندي تعلقي اندر لائبريري قيام ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا نوجوان تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌي سنڌ ڌرتي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ هٿ ونڊرائي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

تعلقي خانڳڙهه ۾ لائبرري قائم ڪرڻ وارو زور وٺندڙ مطالبو..!” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو