راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن ن ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي چوڌري سرفراز افضل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي مطابق سرفراز افضل خلاف داخل ڪيس ۾ الزام آهي ته هن لاڳاپيل اٿارٽي جي اجازت کانسواءِ هائوسنگ سوسائٽي جا پلاٽ وڪرو ڪيا، جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو آهي. ايف آءِ آر مطابق سرفراز افضل غير قانوني هائوسنگ سوسائٽي جي پلاٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري شهرين کان وڏي رقم ڦٻائي. سرفراز افضل جو والد چوڌري افضل خان، چاچا ملڪ غلام رضا، ڊپٽي ڊائريڪٽر پلاننگ آر ڊي اي طاهر ميو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ سميع الله نيازي، ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد اعجاز ۽ بلڊنگ انسپيڪٽر مقصود الحسن سميت 10 جوابدار به ڪيس ۾ نامزد آهن.
230