267

سعودي عرب نفرتون نه پکيڙي: شاهه سلمان جي مطالبي تي ايران جو سخت ردعمل

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران سعودي عرب جي فرمان روا شاهه سلمان طرفان عالمي برادري کي ايران خلاف قدم کڻڻ واري مطالبي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب نفرتون نه پکيڙي. ايران جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ سعودي فرمان روا شاهه سلمان جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي فرمان روا اهڙا الزام نفرتون پکيڙڻ لاءِ هڻي رهيو آهي، جنهن کان کيس پاسيرو رهڻ گهرجي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه سلمان بن عبدالعزيز عالمي برادري کان مطالبو ڪيو هو ته ايران جي ايٽمي ۽ بليسٽڪ ميزائل پروگرامن تي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو