190

گلگت بلتستان چونڊ: سمورن تڪن جا نتيجا پڌرا، پي ٽي آءِ سڀني کان اڳڀري

گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيل عام چونڊن جا نتيجا غير سرڪاري طور تي سامهون اچي ويا آهن، جنهن ۾ سرڪاري ڌر جي پارٽي پي ٽي آءِ اڳڀري رهي. نتيجن مطابق 9 سيٽن تي تحريڪ انصاف ڪامياب حاصل ڪري پهرين پوزيشن تي رهي، 7 سيٽن تي آزاد اميدوارن سوڀ ماڻي، جڏهن ته پيپلز پارٽي 3، ن ليگ 2، جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ هڪ اميدوار ڪامياب ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو