209

نيب احسن اقبال خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران احتساب عدالت ۾ داخل ڪرپشن ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احسن اقبال نارووال اسپورٽس سٽي رٿا ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. ريفرنس جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته احسن اقبال اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي وفاقي حڪومت جا فنڊ صوبائي منصوبن ۾ خرچ ڪرايا. نيب پاران داخل ڪرايل ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊي جي اسپورٽس بورڊ اختر نواز کي به جوابدار ڄاڻايو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو