226

قائداعظم جي مزار جي بيحرمتي: عدالت صفدر خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت ن ليگي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف قائداعظم جي مزار جي بيحرمتي واري ڪيس کي سي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ڪيس بي ڪلاس يعني ڪوڙو قرار ڏيڻ جي رپورٽ جمع ڪرائي هئي ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته ڪيس جي فريادي جي واقعي واري هنڌ تي موجودگي ثابت ناهي ٿي، ڪيس جي فريادي پوليس کي پنهنجو بيان به رڪارڊ ناهي ڪرايو. عدالت ڪئپٽن (ر) صفدر ۽ ٻين خلاف ڪيس سي ڪلاس يعني خارج ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو