250

حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن کي 24 ارب 42 ڪروڙ رپيا ادا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل مل جي رٽائرڊ ملازمن کي اربين رپين جي بقايا ادا ڪري ڇڏي آهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ 7 هزار 594 رٽائرڊ ملازمن کي 24 ارب 42 ڪروڙن جي ادائيگي ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملازمن کي 2013ع کان رهيل پينشن جي ادائيگي پڻ ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو