259

ايندڙ سال دنيا ۾ وڏو ڏُڪار پيدا ٿي سگهي ٿو: ورلڊ فوڊ پروگرام جي اڳڪٿي

روم (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ سال دنيا ۾ وڏو ڏُڪار پيدا ٿي سگهي ٿو. پروگرام جي سربراهه ڊيوڊ بيزلي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 15 ارب ڊالر مهيا نه ڪيا ويا ته 2021ع ۾ پوري دنيا ۾ خاص ڪري غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ بدترين ڏڪار پيدا ٿي سگهي ٿو. بيزلي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان رقم مان 5 ارب ڊالر ڏڪار متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ، جڏهن ته 10 ارب ڊالر انهن جي ٻارڙن جي ضرورت ۾ آهي، جيڪي کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، جيڪڏهن اها رقم نه ملي ته پوري دنيا ۾ بدترين ڏڪار اچي سگهي ٿو، جنهن سان وڌ ۾ وڌ موت ٿيڻ جو خدشو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو