257

سنڌ حڪومت پاران صوبي جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون نه ڪرڻ جو فيصلو، ڪورونا سبب اڳ ۾ ئي گهڻيون موڪلون ٿي چڪيون آهن: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران هلندڙ تعليمي سال دوران صوبي جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري پهريان ئي حد کان وڌيڪ موڪلون ٿي چڪيون آهن، ان جي ڪري هلندڙ تعليمي سال دوران سياري جون موڪلون نه ڪيون وينديون. هن چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي جي شيڊيول ۾ سياري جون موڪلون شامل نه آهن، ان لاءِ سياري جون موڪلون ڪرڻ جو في الحال ڪوبه امڪان ناهي، جڏهن ته ان  بابت نومبر جي آخر ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وڌيڪ بحث ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو