اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي شيخ رشيد جو چوڻ آهي جيڪي ٻاهر ويهي ملڪ دشمن بيان ڏئي رهيا آهن، انهن جي ڳالهين تي ڪير يقين ڪندو، ن ليگ ادارن سان مخالفت ۾ اچي پنهنجي سياست ختم ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو گلگت بلتستان ۾ زندگي ۾ پهريون ڀيرو شفاف اليڪشن کي ڏٺو، گلگت بلتستان چونڊن سان جمهوريت جي ڪامياب ٿي آهي، پي ٽي آءِ جي هن مهيني جي آخر ۾ گلگت بلتستان ۾ 2 ڏهائي اڪثريت سان حڪومت هوندي، گلگت بلتستان جي چيف اليڪشن جيڪو تڪ پولنگن لاءِ چيو اهو کولينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن کي سياستدانن واري ڳالهه ڪرڻ گهرجي، نواز شريف جي بيان سان ڪنهن کي ڪوبه خطرو ناهي، فوج عمران خان سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون به نواز شريف جي بيان جي مخالفت ۾ آهن.
157