155

اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي ڪوبه دٻاءُ ناهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي دٻاءَ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ بابت وزيراعظم تي آمريڪي دٻاءَ جون خبرون بي بنياد ۽ من گهڙت آهن، وزيراعظم واضح طور چئي چڪو آهي ته فلسطين جي مسئلن تي منصفاڻي حل تائين پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پاليسي قائداعظم جي ويزن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحد ۽ القدس جي گادي واري هنڌ تي ٻڌل فلسطين جو حامي آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي جي ٺهرائن ۽ بين الاقوامي قانون مطابق فلسطين جي ٻن رياستي حل جو حامي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو