220

بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي فون تي ڳالهه ٻولهه، ڌانڌلي باوجود مخالف ڌر حڪومتي اتحاد کان وڌيڪ ووٽ کنيا: پ پ پ چيئرمين

گلگت (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊ ۾ مبينا ڌانڌلي جي مذمت ڪئي. ان موقعي تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڌانڌلي باوجود مخالف ڌر پاران حڪومتي اتحاد کان وڌيڪ ووٽ کڻڻ پي ٽي آءِ جي گهٽ مقبوليت جو واضح ثبوت آهي. مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان جي عوام مخالف ڌر جي بيان سان گڏ بيٺل آهي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جلد ملاقات ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو