155

ميڊيڪل جي شاگردن کي ايندڙ سپليمينٽري امتحان ڏيڻ لاءِ وڌيڪ موقعا ڏيڻ جي منظوري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ڪورونا وبا دوران پريشانين ۾ ورتل ميڊيڪل جي شاگردن کي ايندڙ سپليمينٽري امتحان ۾ شامل ٿيڻ جو وڌيڪ موقعو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيڪل جي شاگردن کي رليف ڏيڻ لاءِ پنجاب جي گورنر پاران ميڊيڪل يونيورسٽيز جي سربراهن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جو ان سلسلي ۾ چوڻ هو ته ڪورونا کان بچاءَ سان گڏ گڏ ٻارڙن جي تعليم جو پورو احساس آهي، ميڊيڪل جي شاگردن مشڪل وقت ۾ به تعليم جاري رکي آهي، اسان سندن ساٿ ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو