170

وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن جي دعوت ڏيندي ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان سرڪاري ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چونڊ سڌارن تي قوم کي اعتماد ۾ ورتو آهي. هن چيو آهي ته اسان گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جو واعدو پورو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ تي اعتماد ڪري اميدوارن کي ڪامياب بڻايو ان تي سندن ٿورا مڃيان ٿو. عمران خان چيو ته جيڪو اسان فيصلو ڪيو هو ته گلگت جي ماڻهن کي وقتي صوبو ڏينداسين اهو واعدو پورو ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته هتان جا رهواسي پاڻ کي پاڪستان جي برابر جا شهري نه سمجهندا هئا، مان کين يقين ڏياريان ٿو ته اسان ساڻن جيڪو واعدو ڪري چڪا آهيون اهو پورو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان ان حوالي سان مڪمل ڄاڻ عوام کي ڏينداسين ته ڪهڙي ريت گلگت بلتستان کي وقتي صوبي جو درجو ڏنو ويندو. وزيراعظم سخت ٿڌ هجڻ باوجود ڏورانهين علائقن کان اچي چونڊ عمل ۾ حصو وٺندڙن تي عوام جو ٿورو مڃيو. عمران خان چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ رڳو مون نه پر ن ليگ ۽ پ پ پ سميت ٻين سياسي پارٽين به ڌانڌلي جو الزام لڳايو هو، اسان هڪ سال تائين 4 تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو ۽ سال کانپوءِ ڌرڻو ڏنو، جيڪو اسان جو 2018ع ۾ چونڊن کي شفافيت بخشڻ لاءِ هو، اسان ملڪ ۾ چونڊ سڌارن جا خواهشمند آهيون، جنهن ملڪ ۾ مئچ ٿيندو آهي ان جو امپائر هوندو آهي، ان لاءِ هاريندڙ ٽيم شڪست قبول ناهي ڪندي، اهو ئي سبب آهي جو ڪرڪيٽ ۾ اڻ ڌريا امپائر آيا، منهنجي ڪوشش آهي ته پاڪستان اهڙو ماحول پيدا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو