317

امڙ ۽ ماسي سانوري هجڻ جو احساس ڏياريو: آمنه الياس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نامياري اداڪاره ۽ ماڊل آمنه الياس پنهنجي سانوري ۽ ڪڻڪائي رنگ جي حوالي سان چيو آهي ته ان گهري رنگ جو هن کي احساس سندس امڙ ۽ ماسي ڏياريو. آمنه الياس وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ننڍپڻ ۾مون پنهنجي خوبصورتي لاءِ ننڍين ننڍين شين جو تجربو ڪيو آهي، جڏهن ته منهنجي امڙ ۽ ماسي مون کي اهو چئي منهنجي سانوري هجڻ جو احساس ڏياريو آهي ته ننڍپڻ ۾ تنهنجو رنگ صحيح هو پر وڏي ٿيڻ کانپوءِ خبر ناهي تنهنجي خوبصورتي کي ڇا ٿيو آهي؟ آمنا الياس ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان ٽي وي تي ڏسو ته ڪابه اداڪاره سانوري يا ڪڻڪائي رنگ جي نظر نه ايندي، سڀني جو رنگ سهڻو ۽ اڇو هوندو آهي تنهنڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اسان جي عوام اسڪرين تي رڳو ان ڇوڪرين کي ڏسڻ پسند ڪري ٿي جنهن جو رنگ سهڻو هوندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو