ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي نه ٿئي ها ته پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهي ها. هن اهڙو بيان گلگت بلتستان چونڊن بابت پنهنجي آفيس مان جاري ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپنين سروي موجب پي پي پي 25 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پي ٽي آءِ کي پيپلز پارٽي کان گهٽ 24 سيڪڙو ووٽ مليا. هن وڌيڪ چيو ته سمورين ڌانڌلين ۽ رياستي طاقت استعمال ڪرڻ جي باوجود تحريڪ انصاف 24 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ڌانڌلي ڪري وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي واري ڪاميابي گذريل عام چونڊن کان وٺي هيل تائين پي ٽي آئي جي ڪارروائين جو تسلسل رهيو آهي جيڪڏهن ڌانڌلي نه ٿئي ها ته پيپلزپارٽي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهي ها. پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي عوام کي جعلي حڪومت ٺاهڻ جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياريندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪري ڪاميابي کانپوءِ اليڪشن ريفارمز جو لولي پاپ ڏئي رهيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سيليڪٽڊ حڪومت گهر موڪليو وڃي جڏهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر سيليڪٽڊ حڪومت دنيا آڏو وائکي ٿي وئي. پنهنجي بيان جي آخر ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اتحادين سان گڏجي ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت آڻيندي.
130