157

نئون پاڪستان جوڙي رهيا آهيون، احتياطي تدبيرن سان ڪورونا تي ضابطو آڻي ورتو آهي: عارف علوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هڪ مهذب ملڪ آهي، قوم کي جنهن نئين پاڪستان جي نويد ٻڌائي وئي هئي هاڻي اهو ٺهندي نظر اچي رهيو آهي، هر شيءَ اولهه کان سکڻ جي ضرورت نه آهي، اسلام ۾ زندگي جا سڀئي سنهري اصول موجود آهن، سڀئي شاگرد مبارڪباد جا مستحق آهن، توهان جيڪي ڊزائينگ جا هنر سکيا ان جي گهرج سڄي دنيا ۾ آهي ان اداري جو مقصد پاڪستان جي شين جي ويليو ايڊيشن ڪرائڻ آهي، ڪنهن شيءَ کي خوبصورت رنگ ۾ وجهڻ، آئيڊياز ڏيڻ ۽ سٺي طريقي سان وڪرو ڪرڻ اهو هنر آهي، ڪووڊ – 19 ۾ دنيا سمجهندي هئي ته پاڪستان ۾ ان بيماري جي پکيڙ سڀ کان وڌيڪ هوندي، الله جو شڪر آهي جو پاڪستاني عوام احتياطي تدبيرن ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪري ان بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائينگ ۽  ڊزائين جي ٽئين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي  صدر چيو ته چانسلر طور قابل فڪر شاگردن ۾ ڳالهائڻ ۽ انهن کي ميڊيل ڏئي مون کي دلي خوشي ٿي رهي آهي، انسان پنهنجي تخليق ۽ آئيڊياز سان ٻين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، فيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين، فيشن مارڪيٽنگ، جولري ڊزائين، فرينيچر ڊزائين، ليڌر اسيسريز اينڊ فوٽ ويئر ڊزائين اهڙا ڪورس آهن جنهن جي سڄي دنيا ۾ ضرورت آهي، توهان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا، صدر چيو ته مون کي به فيشن ڊزائينگ ۾ خصوصي دلچسپي آهي، ان اداري جي عمارت کي به انتهائي خوبصورتي سان ڊزائين ڪري ٺاهيو ويو آهي، هن چيو ته اسان کي هر شيءَ اولهه مان سکڻ جي ضرورت نه آهي، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، اسلام 14 سئو سال پهرين عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏنو، جنهن کي اڄ سڄي دنيا تسليم ڪري رهي آهي، اڄ اهو ڏسي خوشي ٿي ته اداري ۾ 70 سيڪڙو ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان تي ماءُ پيءَ، معاشري ۽ حڪومت پاڪستان جي انويسٽمينٽ ٿي رهي آهي ته جيئن توهان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهو، هن چيو ته ڪنهن شيءَ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ آئيڊياز جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ٻين کي متاثر ڪري سگهي، هن ٻڌايو ته 70ع ڏهاڪي ۾ هڪ سوٽ ڪيس جو اشتهار هلندو هيو ته جنهن جي مٿان هاٿي پير رکي ڇڏي ته ان کي ڪجهه ناهي ٿيندو، جيڪو حقيقت ۾ ان جي مضبوطي کي ظاهر ڪري رهيو هو، ان اداري جو مقصد پاڪستاني شين کي ويليو ايڊيشن ڪرڻ آهي، ان مقصد جي لاءِ اسان انبن جي بهترين مارڪيٽنگ لاءِ انب پيدا ڪندڙ زميندارن کي گهرايو ته جيئن پاڪستاني انب کي ٻاهر بهترين اگهن ۾ وڪري ڪري سگهجي ۽ اهو تجربو ڪامياب رهيو، هن ٻڌايو ته پاڪستاني سرندي وارا ۽ مهذب آهن، جنهن جو دنيا کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي، ڪووڊ – 19 ۾ دنيا سمجهندي هئي ته پاڪستان ۾ ان بيماري جي پکيڙ سڀ کان وڌيڪ ٿيندي ڇاڪاڻ جو اهي ماڻهو احتياط ناهن ڪندا پر الله جو شڪر آهي ته پاڪستانين احتياطي تدبيرن ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪري ان بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو آهي، ان کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر حنا طيبه اداري جي باري ۾ ٻڌايو ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائين وفاقي حڪومت جو اهڙو چارٽر ادارو آهي جتي خصوصي طور تي ڊزائين جي تعليم ڏني ويندي آهي، جتي فيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين، فيشن مارڪيٽنگ اينڊ مرچنٽ ڊائينگ، جولري ڊزائين اينڊ جيمو لاجيڪل سائنسز، فرنيچر ڊزائين اينڊ مينيوفيڪچرنگ، ليڌر اسيسريز اينڊ فوڊ ويئر ۽ سرامڪ اينڊ گلاس ڊزائين جي چار سالا پيشيوراڻي تعليم ۽ ايم فل آرٽ اينڊ ڊزائين ايجوڪيشن جي ٻه سالا تعليم ڏني ويندي آهي، بعد ۾ 10 شاگردن جنهن ۾ مهرين انور، ارم چنگيز، عنبر جاويد، ماه رخ راجا، حفظه محمود، مريم عرفان، انعم معين، ذويا بٽ، مهڪ ناصر، ندا اعجاز ۽ حافظ احمد لطيف کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو