212

ٽرمپ ۽ ري پبلڪن اختيارن جي منتقلي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي: جوبائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن، ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊن ۾ شڪست تسليم ڪرڻ کان انڪار کي مڪمل غير ذميواراڻو قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ نئين حڪومت جي جوڙجڪ يا اقتدار جي منتقلي ۾ رڪاوٽ بڻيو ته ڪورونا وائرس سبب شايد وڌيڪ ماڻهو مري سگهن ٿا. برطانوي خابرو اداري موجب جوبائيڊن ڊيلاوير ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ جو پنهنجي شڪست کي تسليم نه ڪرڻ سندس مڪمل غير ذميواراڻو رويو آهي جيڪڏهن صدر ٽرمپ اقتدار جي منتقلي ۾ دير ڪئي ۽ اسان سان سهڪار نه ڪيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءِ جي ويڪسين تي ڪم شروع ڪرڻ ۾ پڻ دير ٿيندي ۽ ڪورونا وائرس سبب فوتگين ۾ پڻ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ري پبلڪن اختيارن جي منتقلي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو