اسلام آباد ( بيورور رپورٽ )پي ڊي ايم حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪندي گلگت بلتستان جي چونڊن جا نتيجا پڻ رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ 12 نقاطي ”ميثاق پاڪستان“ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جو سربراهه اختر مينگل وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ مريم نواز سميت پيڊي ايم جي اهم اڳواڻ به شرڪت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف کي ويڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي پر هن کي اوچتو بُڪي ۾ تڪليف ٿيڻ جي ڪري اسپتال وڃڻو پيو ۽ هو شريڪ نه ٿي سگهيو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ هاڻوڪي گلگت بلتستان چونڊن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته چارٽر آف پاڪستان تي به صلاح مشورو ڪيو ويو. اپوزيشن اتحاد جي پڌرائي موجب سربراهه اجلاس ۾ 12 نقاطي ميثاق پاڪستان تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن موجب وفاقي، اسلامي، جمهوري، پارلياماني آئين پاڪستان جي بالادستي ۽ عمل داري ۽ پارليامينٽ جي خودمختياري پڪي ٿئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 12 نقاطي ميثاق هيٺ صوبن جي حقن ۽ ارڙهين ترميم جي حفاظت ڪئي ويندي. مقامي حڪومتن جو اثرائتو نظام قائم ڪيو ويندو. آئين جي اسلامي شقن جي حفاظت ۽ انهن تي عمل ڪيو ويندو. وفاقي، اسلامي، جمهوري پارليماني آئين پاڪستان جي مٿڀرائي ڪئي ويندي. پارليامينٽ جي خودمختياري قائم ڪئي ويندي. سياست مان اسٽيبلشمينٽ ۽ انٽيليجنس ادارن جو ڪردار ختم ڪيو ويندو. عدليه جي آزادي پڪي ڪئي ويندي. آزاد ۽ اڻ ڌرين چونڊن لاءِ سڌارا ڪيا ويندا. عوام جي بنيادي جمهوري حقن جي حفاظت ڪئي ويندي. راءِ جي اظهار ۽ ميڊيا جي پڪي ڪئي ويندي. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي پوري ريت عمل ڪيو ويندو. مهانگائي، بيروزگاري ۽ غريبي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي معاشي پلان آندو ويندو. گڏجاڻي کان پوءِ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان ٻين اڳواڻڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قانون جي مٿڀرائي، سمورين اسلامي شقن جي تحفظ سميت 12 نڪاتي ميثاق پاڪستان تي سمورين پارٽين اتفاق ڪيو. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته شگر مافيا کي 400 ارب رپين جي سهولت ڏني وئي، جنهن آفيسر چور پڪڙيو ان کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جيڪي اعتراف ڪيا اُهي حڪومت جي خلاف ايف آءِ آر آهن.شبر زيدي پاڻ چئي چڪو آهي ته عمران خان فنڊ ڏيندڙن خلاف ڪارروائي کان روڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم گلگت بلتستان ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجن کي رد ڪيو آهي، هي 2018ع جي چونڊن جي ڌانڌلي جو ري پلي هو، سپريم ڪورٽ جيڪي آزاد چونڊن لاءِ هدايتون ڏنيون هيون انهن کي گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ رد ڪيو ويو. هن چيو ته اسان طئي ڪيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا سياسي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انتقام وٺي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان جلسا شيڊول موجب ڪرڻ تي اعلان ڪندي چيو ته ڪورونا جي آڙ ۾ جلسن تي پابندي کي رد ڪريون ٿا، پي ڊي ايم جاجلسا شيڊول جي موجب ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي مسلم ليگ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته اسان لوٽن کي ڪڍي ڇڏيو آهي، سمورين پارٽين جي اها پاليسي هئڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جو لهجو نرم ڪنهن جو سخت هوندو آهي پر موقف هڪ ئي هوندو آهي.گلگت بلتستان جي چونڊنبابت مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان جي اليڪشن جو نتيجو 48 ڪلاڪ اڳ معلوم ٿيو هو، نتيجن جو اندازو هو پر حڪومت کي بي نقاب ڪرڻو هو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ اڪثريت نه ملڻ تي حڪومت کي شرم کان منهن لڪائڻ گهرجي، سليڪٽرز سان گڏجي ڌانڌلي ڪئي، ن ليگ جا اميدوار ٽوڙيا جنهن ۾ 2 اڳوڻا وزير ۽ اسپيڪر شامل آهن.
234