198

ڪراچي ڪنگز پهريون ڀيرو پي ايس ايل چيمپئن بڻجي وئي،بابر جي شاندار اننگز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس ايل فائيو جو ”ڊريم فائنل“ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ روايتي حريف لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ کيڏيو ويو، ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتيون، لاهور قلندرز فائنل ۾ سٺو ڪارڪردگي پيش نه ڪري سگهي، جنهن سبب ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل چيمپئن بڻجي وئي، لاهور قلندر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 135 رنز جو هدف ڏنو، جيڪو ڪراچي جي ٽيم 18.4 اوورن ۾ آساني سان 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي. بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر 50 هڻي ٽيم کي فتح ڏياري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو