259

بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ افراتفري پکيڙڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: آرمي چيف

ڪوئيٽا (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوئيٽا پهچي ويو، نيشنل ورڪشاپ جو دورو ڪيو، پاڪ-افغان ۽ پاڪ-ايران بارڊر تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي اهميت اجاڳر ڪئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب کي خطاب ڪيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ افراتفري پکيڙڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جو امن، خوشحالي ۽ جمهوريت جي لاءِ عزم ۽ اقتدار سان ڳنڍيل آهي، بلوچستان ۾ ترقي ۽ استحڪام پاڪستان جي خوشحالي لاءِ اهم آهي، فوج سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، سرحد تي ڪنڊيدار تارن جي اهميت آهي، ڪوئيٽا سيف سٽي پراجيڪٽ ۽ ٻين منصوبن سان بلوچستان جي مجموعي سيڪيورٽي تي مثبت اثر پوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو