ڄام صاحب (ن سوڀ) ڄام صاحب ويجهو مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ بعد قتل ڪيل نينگري نمرا رند جو سندس ئي ڀاءُ قاتل نڪتو. پوليس دعويٰ ڪري ڇڏي، ڳوٺ مير محمد حسن رند ۾ 4 ڏينهن اڳ ناري نمرا رند کي ساڙي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ناري جا سڙيل ڪپڙا گهر جي واشروم مان مليو ۽ سندس ڪپڙن کان آجو لاش گهرن کان پري زمين مان مليو هو، پوليس موجب گرفتار جوابدار افتخار رند ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀيڻ سان سندس ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هو ڀيڻ کي زبردستي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو هو، جوابدار جو چوڻ آهي ته کيس ڊَپ هو ته ڀيڻ سندس خلاف والد کي شڪايت ڪندي، جنهن تان هُن کيس قتل ڪيو. جڏهن ته پوليس اڃا مڪمل حقيقتون سامهون نه آنديون آهن، جاچ جو سلسلو جاري آهي، شڪ جي بنياد تي گرفتار ٻين وارثن کي به اڃا ڇڏيو نه ويو آهي.مليل ڄاڻ موجب واقعي ميڊيا ۾ اڄڻ بعد ايس ايس پي بينطير آباد تنوير تنيو واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ڊي ايس پي صدر جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي، ٽه رڪني ٽيم ۾ پوليس عملدار خان محمد رند ۽ مقصود چنه شامل آهن، واقعي بعد وارثن اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي ۽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ به نه آيا، ٻن ڏينهن کانپوءِ پوليس سرڪار جي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ جو رخ وارثن ڏانهن موڙيو، شڪ جي بيناد تي ناري جي والد، 2 ڀائرن، سئوٽ، مڱيندي ۽ مامي کي جاچ ۾ شامل ڪري والد ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو.
243