188

سکر جي بئراج ڪالوني ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن، دڪان ۽ گهر پٽ، چڪريون، 2 گرفتار

سکر (رپورٽ: امداد بوزدار) سکر جي بئراج ڪالوني ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن، دڪان ۽ گهر پٽ، چڪريون، 2 گرفتار، ان سلسلي ۾ انتظاميا ڳري مشينري سان آپريشن ڪري دڪان ۽ گهر پٽ ڪيا، جڏهن ته چڪرين دوران يوسف منگي ۽ سرتاج انصاري کي گرفتار ڪيو ويو، هوڏانهن آپريشن دوران متاثر هڪ نجي عمارت اندر داخل ٿي ويا، وڪيلن ۽ مختلف ڌرين سان واسطو رکندڙ ماڻهو به پهتا، ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته انتظاميا ۽ پوليس اسان غريبن جا سوين گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن پر بااثرن جي گهرن کي هٿ به ناهي لاتو، جڏهن ته آپريشن جي نگراني ڪندڙ ڊي سي سکر راڻا عديل تصور جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪم تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڪنهن سان به رعايت نه ٿيندي، هن چيو ته آپريشن کان اڳ ئي قبضو ڪيل دڪانن، گهرن ۽ جاين تي نشان لڳايا ويا آهن، جن کي مڪمل ڪرايو ويندو.هن چيو ته بئراج ڪالوني مان حددخلين جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته متبادل جايون ڏيڻ جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو