145

اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي معيشت بابت سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي معيشت بابت سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ مشڪلاتون رهيون پر ضروري معاشي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، مالي سال جي آخري ڇهن مهينن ۾ ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن سان معاشي سرگرميون سخت متاثر ٿيون. رپورٽ مطابق 9 مهينن ۾ حاصل ڪيل استحڪام جي لاءِ وبا دوران ڪاروبار ۽ گهراڻن کي مدد مهيا ڪئي وئي، وبا دوران هڪ ڪروڙ 48 لک گهراڻن کي ايمرجنسي روڪ رقم مهيا ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو