161

لاهور ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، 9 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون جي تجويز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي ٻئي لهر دوران لاهور شهر ۾ ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري انتظاميا پاران 9 مختلف هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن مطابق لاهور شهر جي مختلف 9 هنڌن تي ڪورونا وائرس جا 268 ڪيس پازيٽو آيا آهن، جنهنڪري 9 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق واپڊا ٽائون ۾ ڪورونا جا 51، جوهر ٽائون جي نجي هائوسنگ اسڪيم ۾ 54، جوهر ٽائون بلاڪ ايف ٽو ۾ 63، ڊفينس فور ۾ 17 ۽ ڊفينس فيز فور سيڪٽر ڊبل سي ۾ 29 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو