تهران (ويب ڊيسڪ) ايران نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن کان ايران تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي ٻيهر ايٽمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايراني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته جيڪڏهن نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن تهران تي لاڳو پابندين جو خاتمو ڪري ٿو ته ايران 2015ع جي ايٽمي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي. جواد ظريف وڌيڪ چيو ته هي ڪم فوري طور تي صرف ٽن ايگزيڪيوٽو آرڊرن ذريعي ڪري سگهجي ٿو.
257