لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيندڙ جلسي جي حڪومت کان اجازت وٺڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ ڇا حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي؟ راڻا ثناءُ الله چيو ته جلسن جلوسن تي پابندي وارو حڪومتي فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان جا جلسا خلاف تحريڪ جو پهريون مرحلو آهن، حڪومت خلاف تحريڪ جو ٻيو مرحلو فيصلا ڪندڙ هو. هن چيو ته نيب کانپوءِ اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي کي به ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، حڪومتي ٽولي جي انتقام واري باهه ٿڌو ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.
