حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪامريڊ اظهر جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو هو، جنهن جو مڙهه ڪلهوڙا ڪالوني ۾ نيو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ غلام شاهه ڪلهوڙو جي مقبري ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
