205

پي ايس ايل جون سموريون مئچون پاڪستان ۾ ڪرائي واعدو پورو ڪيو: پي سي بي چيئرمين احسان ماني

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ 2020ع کي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي شرڪت ڪندڙن، آفيشلز، مقامي انتظاميا ۽ سيڪيورٽي ادارن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته پي ايس ايل جون سموريون مئچون پاڪستان ۾ ڪرائي واعدو پورو ڪيو، ڪورونا وائرس سبب ايونٽ جو پلي آف مرحلو خالي انڪلوزرز ۾ کيڏيو ويو. تماشائين کانسواءِ کيڏيل انهن ميچن ۾ انهن جي کوٽ پڻ شدت سان محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته هو انهن سمورن مداحن جو ٿورائتو آهي جن ڀرپور انداز سان ٽي وي اسڪرين، لائيو اسٽريمنگ ۽ سماجي رابطن جي ويب سائٽس تي متحرڪ رهيا، انهن فينز هڪ منظم انداز سان ليگ جي برانڊ جي قدر وڌائڻ سان گڏو گڏ دنيا جي مختلف پليٽ فارمز آڏو پاڪستان جي هڪ پازيٽو سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ پنهنجو حصو وڌو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو