243

ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي دعويٰ رد ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سي آءِ ايس اي کي برطرف ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جي سندس دعويٰ کي رد ڪندڙ سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفراسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي (سي آءِ ايس اي) جي ڊائريڪٽر ڪرس ڪريبز کي برطرف ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته صدارتي چونڊن جي سيڪيورٽي بابت ڪرس ڪريبز جو تازو بيان تمام غلط هو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته چونڊن ۾ وڏي پيماني تي فراڊ ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو