196

ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران 70 ميمبر ملڪن کي مالي سهڪار فراهم ڪيو: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا دوران فنڊ جي 70 ميمبر ملڪن کي مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي جن ۾ ڪيترائي گهٽ آمدني وارا ملڪ شامل آهن. آءِ ايم ايف پنهنجي بلاگ ۾ چيو آهي ته ڪووڊ-19 جي وبا سبب انساني وسيلن ۽ بين الاقوامي معيشت تمام گهڻي متاثر ٿي ۽ معاشي بحالي لاءِ مالي سهڪار جي طلب ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. آءِ ايم ايف وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين آءِ ايم ايف جي هڪ ڀاڱي ٽي حصي کان وڌيڪ ميمبر ملڪن کي فنڊ طرفان مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو