لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ميمبرن واري بينچ چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي طرفان چيئرمين نيب جي اختيارن ۽ ويهه سال پراڻي معاملي جي ٻيهر انڪوائري خلاف درخواستن تي ڊي جي نيب لاهور کي طلب ڪندي قرار ڏنو ته ڊي جي نيب عدالت کي ٻڌائي ته 20 سالن کان ڇو انڪوائري التوا هيٺ آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل ٻڌايو ته نيب چوڌري پرويز الاهي خلاف غير قانوني ڀرتين جي انويسٽي گيشن بند ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ چيئرمين نيب کي ريفرنس منظوري لاءِ موڪليو ويو آهي. نيب جي وڪيل ٻڌايو ته 20 سالن کان چوڌري ڀائرن خلاف ڪيسز هلي رهيا آهن. عدالت درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت آڏو چوڌري ڀائرن نيب جي ٽن انڪوائريز کي چيلنج ڪيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب سياسي انجينيئرنگ ڪندڙ ادارو آهي، نيب جي ڪردار ۽ جاچ جي غلط انداز تي عدالتون فيصلا پڻ ڏئي چڪيون آهن. نيب جي چيئرمين 20 سال پراڻي معاملي جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي، نيب 20 سال اڳ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي مڪمل جاچ ڪئي پر ناڪام ٿيو، چيئرمين نيب کي 20 سال پراڻي انڪوائري ٻيهر کولڻ جو اختيار ناهي. درخواست ڏيندڙ چوڌري ڀائرن چيو آهي ته اسانجو سياسي خاندان آهي جنهن کي سياسي طور تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ان ڪري عدالت کي درخواست آهي ته نيب جو 20 سال پراڻي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري ٻيهر کولڻ جو قدم غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
274