172

ٽيڪنالاجي ۽ مشيني ايجادن جو غلط استعمال خطرناڪ آهي: سنڌ يونيورسٽي ۾ قومي ڪانفرنس

ڄامشورو (ن سوڀ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل قومي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين مان آيل آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جي ماهرن توڙي سائنسدانن چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۽ مشيني ايجادن انساني زندگيءَ ۾ آساني پيدا ڪئي آهي، پر ٽيڪنالاجيءَ جي غلط استعمال جو رجحان خطرناڪ آهي، جنهن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ جي نوجوانن کي عالمي طور پاڻ مڃائڻ لاءِ بلند اخلاقي قدرن سان آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جي ميدان ۾ مهارتون حاصل ڪرڻيون پونديون ته جيئن کين عالمي جاب مارڪيٽ ۾ نوڪريون ملي سگهن، انفارميشن ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي تمام وسيع فيلڊ آهي. اهڙو اظهار هنن هتي “انفارميشن ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جا وڌندڙ لاڙا” جي سري هيٺ شروع ٿيل ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور ميرس جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه هو. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي وي سي ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته ٽيڪنالاجي جي غير ضروري ۽ ناڪاري استعمال سبب ماڻهن ۾ ذهني دٻاءُ پيدا ٿي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن موبائيل سميت ٽيڪنالاجي جو درست استعمال ڪجي ته اها رحمت آهي، ٻي صورت ۾ اها زحمت بڻجي ويندي آهي. هن چيو ته نوجوانن کي جديد ڄاڻ، مهارتون ۽ هُنر سکڻ جي اشد ضرورت آهي. سڄي دنيا ۾ پنهنجن شعبن ۾ مهارتون رکندڙ ماڻهو وڏي پئماني تي گهربل آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته اعليٰ تعليم پرائڻ سان گڏ پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ مهارتون حاصل ڪري نوجوان تيزيءَ سان ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ذريعي لاڳاپيل انڊسٽريز سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري نوجوانن کي عملي سکيا ڏياري ويندي ته جيئن هو آءِ ٽي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جي ميدان ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي پاڻ مڃائي سگهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي بينظير يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مدد علي شاهه چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران مڪمل ايس او پيز ۽ سماجي وٿيءَ سان پهرين قومي ڪانفرنس منعقد ڪرائي ويئي آهي، جنهن ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر سائنس شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ پائي جا سائنسدان گڏ ٿيا آهن ۽ هو پنهنجا مقالا پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته يونيورسٽي سميت مختلف شعبن ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل عملدار عام ماڻهن کي نظر انداز ڪن ٿا، جيڪا اسلامي تعليم جي بلڪل ابتڙ آهي. اهوئي سبب آهي جو اهڙن ناڪاري روين جا اثر سڄي معاشري تي پئجي رهيا آهن ۽ ماڻهن خاص طور نوجوانن ۾ يونيورسٽين اندر پڙهڻ باوجود اخلاقي قدر گهٽجندا ٿا وڃن. هن چيو ته نوجوان آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه آله و سلم جن جي تعليمات تي عمل ڪندي پاڻ ۾ مثبت سوچ  رويا، صبر ۽ برداشت پيدا ڪن ۽ مهارتن کي پالش ڪري عالمي جاب مارڪيٽ جو حصو بڻجي وڃن. هن چيو ته ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ توڙي ٽيڪنالاجيءَ انساني زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن، پر نوجوان ان جي ناڪاري استعمال کان پاسو ڪن. هن ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کومباٽي کي هر هفتي يا 15 ڏينهن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ هڪ ڪلاس ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو، جيڪو قبول ڪيو ويو. افتتاحي تقريب کانپوءِ ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن ميزبان فئڪلٽيءَ جي ڊين ڊاڪٽر خليل الرحمان کومباٽي، مهراڻ يونيورسٽي جي ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرنگ شعبي جي ڊاڪٽر فيصل ڪريم شيخ ۽ جناح يونيورسٽي فار وومين ڪراچي جي ڊاڪٽر محمد شهاب صديقي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ٻئي سيشن جي صدارت ڊاڪٽر اسد علي شيخ ۽ ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ ڪئي. ان موقعي تي راحت علي خان، پرهه بروهي، خرم فاروق، طيبه ڪيريو ۽ حرا بينش آءِ ٽي، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجيز بابت پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ٽئين سيشن جي صدارت ڊاڪٽر نياز آريجو ۽ ڊاڪٽر سندر خواجه ڪئي، جڏهن ته هاءِ ٽيڪ يونيورسٽي ٽيڪسلا جي ڪمپيوٽر اينڊ انجنيئرنگ فئڪلٽيءَ جي ڊاڪٽر عمران اشرف مهمان خاص جي حيثيت ۾ خطاب ڪيو. چوٿين سيشن جي صدارت ڊاڪٽر عارفه ڀٽو ۽ ڊاڪٽر شيراز لغاري ڪئي، جنهن ۾ 5 کان وڌيڪ مقالا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ڪانفرنس جا آرگنائيزر ڊاڪٽر ذيشان ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو