فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي اهڙو پاڪستان ورثي ۾ مليو جيڪو قرضن ۾ ٻڏل هو، قرض کڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌايا ۽ خرچ ڪري ڪم هلايو ويو، انهن حالتن ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري، موجوده حڪومت ۾ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهي آهي، الله جو شڪر آهي ته هن وقت پاڪستان جا اشارا مثبت آهن، تعميراتي صنعت هلي رهي آهي، ان سان جڙيل صنعتون به هلنديون، ان جي لاءِ به اسان پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي عمل جي ترقي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪنداسين، ڪورونا وبا جي ٻي لهر ڳڻتي جوڳي آهي، اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ته جئين اسان جون ڪاروباري سرگرميون جاري رهن ۽ غربت نه وڌي، خدا نه ڪري ڪورونا جي صورتحال بگڙي ته معيشت به متاثر ٿيندي، هر ڊويزن ۾ هائي ڪورٽ هجڻ گهرجي، مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام آڻي رهيا آهيون جنهن سان عوام کي سهولت ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن فيصل آباد جي روانگي واپار ڪندڙن ۽ واپاري برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته هتي هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان ڳالهه سان متفق آهيان ته هر ڊويزن ۾ هاءِ ڪورٽ هجڻ گهرجي، حڪومت جي بنيادي ذميداري آهي ته هو عوام جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري ته جيئن ماڻهن کي انهن جي گهر جي چائنٺ تي سهولتون ميسر اچي سگهن، نئون بلدياتي نظام ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان بهترين نظام هوندو، ترقياتي فنڊز مان شهر ٺيڪ نٿا ٿي سگهن، لنڊن، نيويارڪ، پيرس ۽ تهران سميت دنيا جي شهرن جي اندر چونڊيل ميئر جو نظام هوندو آهي، ان جي پوري ڪابينا هوندي آهي، انهن جا سمورا مسئلا انهن شهرن ۾ حل ٿيندا آهن، هن چيو ته هر شهر جي پنهنجي چونڊ هوندي آهي، ميئر سڌو سنئون چونڊيو ويندو آهي، پهرين يونين ڪاونسلن جي ذريعي چونڊ ٿيندي هئي، ان ۾ پئسو هلي ويندو هو، اهو سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي، هن چيو ته هڪ وقت ايندو ته مانچسٽر وارا به چوندا ته فيصل آباد اسان کان اڳتي نڪري ويو آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ اسان کي جيڪو پاڪستان مليو ان تي اندروني ۽ ٻاهريون ايترو قرض هو ۽ ايترو خساو هو جو اسان جي تاريخ ۾ نه رهيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جڏهن ايترو خسارو هجي ان ملڪ جي درجه بندي ۾ بهتري ناهي ايندي ۽ ڪرنسي تي دٻاءُ رهندو آهي، ڪرنسي ڪرڻ سان مهانگائي وڌي ويندي آهي، هن چيو ته مهانگائي جي سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته واپاري خسارو 40 ارب ڊالر هو، ايترو خسارو هجي ته ڪرنسي جي قيمت ته گهٽ ٿيڻي آهي، قرض کڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌايا ۽ پوءِ اهي خرچ ڪري ڪم هلايو وڃي ته ڪئين ملڪ ترقي ڪندو، اسان جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ملڪ مشڪل حالتن ۾ هو ۽ سخت معاشي چئلينجز درپيش هئا ۽ معيشت دٻاءُ ۾ هي، اسان وڏي مشڪل وقت مان گذري رهيا آهيون، غير ملڪي دوستن اسان جي ان وقت مدد ڪئي جنهن جي ڪري اسان ڏيوالپڻي کان بچي وياسين، الله تعاليٰ اسان کي مشڪل وقت مان ڪڍيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جي دنيا ۾ مثال ڏنا ويندا هئا، ڏکڻ ڪوريا جهڙا ملڪ اسان جي ترقياتي پلان تي عمل ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اسان جا ادارا به مضبوط هئا، اسان جي يونيورسٽين کي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو ويندو هو، پاڪستان جو هڪ مقام هو، ان وقت پاڪستان جي انڊسٽري به ترقي ڪري رهي هئي، اسان جون پرائيوٽ بئنڪون به هيون پر جڏهن 70ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو چونڊجي آيو ۽ هن نيشنلائيزيشن جو عمل شروع ڪيو ته ان سان اهو عمل رڪجي ويو، اهو چيو پئي ويو ته 22 خاندانن ۾ پاڪستان جي سڄي دولت هلي وئي، ڪامياب انسان سدائين پنهنجي زندگي جي باري ۾ سوچيندو آهي ته هو ڇا ڪري سگهي ٿو ته ان جي زندگي بهتر ٿئي، ماضي جي غلطين کي تسليم ڪرڻ سان ئي اسان اڳتي وڌنداسين، اسان کي اهڙي قانون سازي ڪرڻي گهربي هئي ته غريب عوام جي ڦريل رقم واپس آڻيون ها، چين 30 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، هن چيو ته جائز طريقي سان منافع ڪمائڻ جي ڪا به پابندي نه آهي، منافع ڪمائڻ کي غلط چوڻ سان ڪير سيڙپڪاري نه ڪندو، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌي، صنعتي ترقي جو عمل تيز ٿئي ته جئين غربت ۾ گهٽتائي اچي، اسان صنعتي شعبي جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، خودڪار نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، رشوت ۽ ڪاروباري طبقي کي خوفزده ڪرڻ جو عمل روڪڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته ڪورونا جي وبا هڪ مشڪل صورتحال هئي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ماڻهو محفوظ رهيا آهن، ڀارت ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو، اسان جيڪي فيصلا ڪيا انهن سان غريب ماڻهن کي فائدو ٿيو، صنعتن کي بچايو ۽ ڪاروباري طبقي کي بچايو، هڪ طرف ڪورونا سان ماڻهن کي بچائڻو هو ۽ ٻي طرف ملڪي معيشت کي به بچائڻو هو، معاشي سرگرمين ۽ عوام جي تحفظ ۾ توازن پيدا ڪرڻ هو، اسان جي قدمن جو مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻآهي، صحت جي عالمي اداري مثال ڏنو آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا وبا جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته ڪورونا وبا جي ٻي لهر ڳڻتي جو سبب آهي، اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ته جيئن اسان جون ڪاروباري سرگرميون جاري رهن ۽ غربت نه وڌي. خدا نه ڪري ڪورونا جي صورتحال بگڙي ته معيشت به متاثر ٿيندي، وزيراعظم چيو ته هو جڏهن پهرين هتي آيو هو ته ان وقت صنعتون ۽ پاور لومز بند ٿي رهيون هيون، مشڪل حالتون هيون، روانگي واپار ڪندڙن کي مراعتون ڏيڻ سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪاروباري سرگرميون بحال ٿيڻ سان اڄ ليبر به نه ملي رهيو آهي، هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي چونداسين ته هو صنعتي شعبي جي لاءِ هنرمند افرادي قوت جي فراهمي لاءِ هنرمندي جي تربيت جا ادارا ٺاهي، ڪاروباري طبقو وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري، موجوده حڪومت توهان جا مسئلا حل ڪندي، سهولت ڏيندي، اسان جو ڪم صنعتن جي مدد ڪرڻآهي، اسان کي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ويليو ايڊيشن ڪرڻي آهي، ان جي لاءِ هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، فيصل آباد جي رستن کي بهتر بڻائينداسين، ڪراچي به ملڪ جو صنعتي مرڪز آهي ان جي ترقي جي لاءِ به قدم کنيا ويندا، 1960ع کانپوءِ پهرئين حڪومت اقتدار ۾ آئي جنهن جي اها پاليسي آهي ته اسان کي ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻو آهي، الله جوشڪر آهي ته هن وقت پاڪستان جا اشارا مثبت آهن، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري هلي رهي آهي، ان سان ڳنڍيل صنعتون به هلنديون، ان جي لاءِ به اسان پيڪيج ڏنو آهي، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ دولت ۾ واڌاري لاءِ صنعتي سرگرميون اهم آهن، صنعتي عمل جي ترقي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪنداسين.
