258

خيرپور ڀرسان منظور وساڻ جو ڀائيٽيو مبينا روڊ حادثي ۾ فوت، مڙهه مٽي ماءُ حوالي، ايس ايس پي پاران واقعي جي جاچ جو حڪم

خيرپور(ن سوڀ) خيرپور ڀرسان مبينا طور ويگو گاڏي بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جو ڀائيٽيو اي ايس آءِ بلاول وساڻ فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي جنازي نماز ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ، وزير اعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون نواب وساڻ، ايم پي اي منور وساڻ شهريار وساڻ ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت علائقي جي سياسي سماجي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان. ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز بعد ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪ آهي اي ايس آئي کي قتل ڪيو ويو آهي، شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٻيا ماڻهو به ملوث هجن جڏهن ته جاچ ڪري رهيا آهيون، ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيندي، جلد رپورٽ اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو