اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪراچي ڪنگ کي پي ايس ايل جو فائنل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن چيو ته پي ايس ايل 5 جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ انتظاميه جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، عالمي ڪرڪيٽرن جي پي ايس ايل ۾ شرڪت تي پوري پاڪستاني قوم انهن جي ٿورائتي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئنده آهي، پي ايس ايل جي سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ شريڪ ٿيندڙن کي سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملي، پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهم ڪردار رهيو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جون سرگرميون مڪمل طور تي بحال ٿينديون ۽ سڀئي عالمي ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون.
