164

پي ڊي ايم اي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ڪيس ختم ڪرايو: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم اي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ڪيس ختم ڪرايو، عدليه اها آزاد مڃي ويندي جيڪا انهن کي صرف رليف ڏي، اليڪشن صرف اهي آزاد مڃيا ويندا جنهن جي نتيجا سندن حق ۾ هجن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر جي اها ئي ايجنڊا آهي ته ڳالهه صرف اها درست هوندي جيڪا هي ڪندا، اهو جمهوريت ناهي، آمراڻو رويو آهي، فيصلا عوام کي ڪرڻا آهن ۽ انهن کي فيصلن کي سياسي پارٽين کي تسليم ڪرڻو آهي، اهو ئي آئين ۾ لکيل آهي، هن چيو ته عمران خان اداران کي آزاد ۽ خودمختيار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ادارن تي ڪنهن خاندان جي ڪا هڪ هٽي نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو