279

پي ايس ايل جو فائنل کٽڻ تي ڪراچي ڪنگز کي واڌايون، ڪراچيءَکي ڪرڪيٽ جو شھر بڻائينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي زير سيد مراد علي شاھ پاران ڪراچي ڪنگز کي پاڪستان سپر ليگ (فائيو) جو فائنل کٽڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آھي ته ڪراچي ڪنگز جي ٽيم، ٽيم جي مالڪ ۽ ڪراچي جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ڪنگز جو کٽڻ عوام جي فتح آھي ۽  پي ايس ايل جو شاندار ريت ٿيڻ ڪرڪيٽ جي فتح آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو  ته مان ان موقعي تي لاھور قلندرز جي جذبي جو پڻ قدر ڪريان ٿو. ھن وڌيڪ چيو تته لاھور قلندرز پڻ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي. هن چيو ته مان انھن کي به واڌايون ڏيان ٿو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڌڻي سائين ڪوويڊ19 کان ڇوٽڪارو ڏياري، اسان ڪراچيءَ کي ڪرڪيٽ جو شھر بڻائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو