اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري قدمن جي نتيجي ۾ عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي کي شڪست ٿي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن ۽ قطر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، ميجر جنرل سالم حمد النابت پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
151