حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي کي اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ٽي پي جو وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد طرف اچي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن سندس ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏنو. ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي الطاف جسڪاڻي جي قتل جي تصديق ڪندي 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي سندس قتل خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سندس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ هو ته الطاف جسڪاڻي کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ کيس گوليون هنيون ويون، سندس مٿان حملو سوچيل سمجهيل سازش آهي، جنهن ۾ لساني تنظيم ملوث ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي الطاف جسڪاڻي کي قتل ڪرڻ واري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
