164

جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع لاءِ احساس ڪفالت جي قسط ايندڙ هفتي کان جاري ٿيندي: ڊاڪٽر ثانيه نشتر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع جي لاءِ احساس ڪفالت جي ايندڙ قسط ايندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندي، ان حوالي سان حصيدار بئنڪن، حبيب بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح سان سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، ڪفالت قسط جاري ڪرڻ سان گڏ ئي ضرورتمند سڄي ملڪ ۾ بايوميٽرڪ ادائيگي جي ذريعي رقم حاصل ڪري سگهندا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ايم ٽي ايمز جي ذريعي رقم ڪڍرائڻ جي معيار ۾ بهتري آڻڻ بابت تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ميلوڊي مارڪيٽ اسلام آباد ۾ واقع ايڇ بي ايل برانچ جو دورو ڪيو، هن احساس ضرووتمندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي اي ٽي ايم جي ذريعي بيلنس معلوم ڪرڻ جي طريقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو، هن ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ايڇ بي ايل ڪهڙي طرح غريب طبقي لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪندو آهي، جن ڪڏهن بئنڪ جون خدمتون استعمال نه ڪيون هجن ۽ انهن کي نئين بايوميٽرڪ ادائيگي جي باري ۾ علم نه هجي هن احساس ڪفالت ضرورتمندن لاءِ اي ٽي ايمز جي استعمال کي بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون به ڏنيون، پروگرام جون مستحق بي سهارا هونديون آهن، جن وٽ معاش جو ذريعو ڪو ٻيو ذريعو ناهي هوندو، ڊاڪٽر ثانيه نشر چيو ته احساس ڊجيٽل ادائيگي جو نظام عورتن کي بايوميٽرڪ اي ٽي ايم ۽ بئنڪ وڃڻ جي تربيت ڏيندو آهي ۽ انهن کي مالي شموليت جي نظام جي ذريعي بااختيار بڻائيندو آهي، آئون ڪفالت جي ضرورتمند عورتن کي چونڊيل حصيدار بئنڪن جي اي ٽي ايم مشينن مان روڪ رقم ڪڍڻ تي حوصلا افزائي ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته اها سهولت انهن کي نه رڳو مالي بدعنواني کان تحفظ فراهم ڪندي پر موجوده بلينس جي رسيد به مهيا ڪندي، هن هفتي جي شروع ۾ بئنڪن جي صدرن سان هڪ ملاقات ۾ ڊاڪٽر ثانيه پوئتي پيل طبقن جي لاءِ اي ٽي ايم جي بهتر استعمال تي زور ڏنو، هن اهو به چيو ته ان کي فيلڊ مان اها راءِ ملي رهي آهي، ڪيترين ئي بئنڪ برانچن ۾ آفيسر ضرورتمندن جي ڊگهي قطار کي بهتر انداز ۾ سهولت فراهم نه ڪري رهيا آهن، جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته اي ٽي ايمز ڪم نه ڪري رهيا آهن، هن عوامي مفاد جي لاءِ اي ٽي ايمز جي استعمال تي زور ڏنو، احساس ڪفالت مستحقين وٽ بايوميٽرڪ تي ٻڌل اي ٽي ايم، بايوميٽرڪ ريٽل شاپ يا لاڳاپيل بئنڪن جي ڪنهن به بايوميٽرڪ تي فعال برانچ وڃڻ جو موقعو موجود آهي، احساس تحت، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايڇ بي ايل جڏهن ته خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بئنڪ الفلاح جي ذريعي رقم جي ادائيگي ٿيندي، ٻئي بئنڪون سڄي ملڪ ۾ خدمتن کي وڌائي رهيون آهن ته جئين عورتن کي مهذب انداز ۾ رقم جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي، گذريل هفتي احساس ڪفالت جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت مان فائدو وٺندڙن جو تعداد 4.6 ملين کان وڌائي ڪري 7 ملين ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، احساس ڪفالت پاليسي تحت نئين مستحق گهرن جي نشاندهي ڪئي ويندي، غربت سروي ۽ انگ اکرن جو تجزيو سڄي ملڪ ۾ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ان کانسواءِ سروي ۾ رهجي ويندڙ گهرن لاءِ هر ضلعي ۾ تعلقي جي سطح تي احساس رجسٽريشن ڊيسڪ جو آپشن موجود آهي، مخصوص ضلعن ۾ رجسٽريشن ڊيسڪ جو قيام غربت سروي جي پڄاڻي سان ڳنڍيل آهي، احساس ڪفالت حڪومت پاران سماجي تحفظ جو فليگ شپ پروگرام آهي جنهن تحت سڄي ملڪ جي غريب ۽ مستحق عورتن کي 2000 روپيا ماهوار وظيفو ۽ بئنڪ اڪائونٽس مهيا ڪيا ويندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو