149

ملڪ ۾ واپارين جي اعتماد کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن: حفيظ شيخ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ذريعي واپارين ۽ صنعتڪارن جي اعتماد کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽويٽر پيغام ۾ هن چيو ته آڪٽوبر 2019ع ۾ ملڪ ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جي شرح ۾ گذريل مالي سال جي هن عرصي جي ڀيٽ ۾ 151 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. گذريل سال اڪٽوبر ۾ ملڪ ۾ 126.5 ملين ڊالر ماليت جي سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي هئي. هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ 317 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جاري مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن ۾ ملڪ ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙڪاري جو هجم 733 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي هن عرصي جي ڀيٽ ۾ 9.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي شعبي ۾ سڌارن ۽ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واپاري برادري جي اعتماد کي هٿي ڏيارڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکندي. واضح رهي ته مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن ۾ چين پاڪستان ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪندڙ وڏي ملڪ جي حيثيت ۾ سامهون آيو آهي. هن عرصي ۾ چين پاڪستان ۾ 332.3 ملين ڊالر ۽ مالٽا 74.1 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي آهي. جاري مالي سال ۾ نيڌر لينڊر 51.5 ملين ڊالرن جي سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪري ٽئين نمبر تي آهي. سڀ کان وڌيڪ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري بجلي جي پيداواري شعبي ۾ ٿي جتي سيرپڪاري جو هجم 352.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. فنانشل بزنس جي پيداواري شعبي ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جو هجم 118.5 ملين ڊالر ۽ تيل ۽ گئس جي پيداواري شعبي ۾ 83.1 ملين ڊالر سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو