128

سيڙپڪاري ٿي رهي آهي ۽ هزارين مزدورن کي روزگار ملي رهيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ وزيراعظم عمران خان فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل پاليسي جو اعلان ڪيو هو ۽ واعدو ڪيو هو ته فيصل آباد هڪ ڀيرو ٻيهر صنعت جي حوالي سان آباد ٿيندو. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽويٽ ۾ هن چيو ته صنعتون بند ٿي رهيون هيون، مزدور بيروزگار ٿي رهيا هئا. اڄ اتي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري ٿي رهي آهي ۽ هزارين مزدورن کي روزگار ملي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو