فيصل آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته واپاري خسارو 40 ارب ڊالر هو. اسان کي اهڙو پاڪستان ورثي ۾ مليو جيڪو قرضن ۾ ٻڏل هو، قرض کڻي پرڏيهي ناڻو وڌايوسين ۽ خرچ گهٽ ڪري ڪم هلايو ويو، انهن حالتن ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري، موجوده حڪومت ۾ صنعتي سرگرمين کي هٿي ڏئي رهي آهي، الله جو شڪر آهي ته هن وقت پاڪستان جي معاشي حالت بهتر آهي، تعميراتي صنعت هلي رهي آهي، ان سان جڙيل صنعتون به هلنديون، ان جي لاءِ به اسان پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي عمل جي ترقي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪنداسين، ڪورونا وبا جي ٻي لهر ڳڻتي جوڳي آهي، اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ته جئين اسان جون ڪاروباري سرگرميون جاري رهن ۽ غريبي نه وڌي، خدا نه ڪري ڪورونا جي صورتحال بگڙي ته معيشت به متاثر ٿيندي، هر ڊويزن ۾ هائي ڪورٽ هجڻ گهرجي، مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام آڻي رهيا آهيون جنهن سان عوام کي سهولت ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربعا ڏينهن فيصل آباد جي روانگي واپار ڪندڙن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته هتي هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان ڳالهه سان متفق آهيان ته هر ڊويزن ۾ هاءِ ڪورٽ هجڻ گهرجي، حڪومت جي بنيادي ذميداري آهي ته هو عوام جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري ته جيئن ماڻهن کي انهن جي گهر جي چائنٺ تي سهولتون ملي سگهن، نئون بلدياتي نظام ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان بهترين نظام ٿيندو، ترقياتي فنڊز مان شهر ٺيڪ نٿا ٿي سگهن، لنڊن، نيويارڪ، پيرس ۽ تهران سميت دنيا جي شهرن جي اندر چونڊيل ميئر جو نظام هوندو آهي، ان جي پوري ڪابينا هوندي آهي، انهن جا سمورا مسئلا انهن شهرن ۾ حل ٿيندا آهن. هن چيو ته مهانگائي جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته واپاري خسارو 40 ارب ڊالر هو، ايترو خسارو هجي ته ڪرنسي جي قيمت ته گهٽ ٿيڻي آهي. اسان جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ملڪ مشڪل حالتن ۾ هو ۽ سخت معاشي چئلينجز درپيش هئا ۽ معيشت دٻاءُ ۾ هئي، اسان وڏي ڏکئي وقت مان گذرياسين ، غير ملڪي دوستن اسان جي ان وقت مدد ڪئي جنهن جي ڪري اسان ڏيوالو ٿيڻ کان بچي وياسين، الله تعاليٰ اسان کي ڏکيي وقت مان ڪڍيو. ماضي جي غلطين کي تسليم ڪرڻ سان ئي اسان اڳتي وڌنداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌي، صنعتي ترقي جو عمل تيز ٿئي ته جئين غربت ۾ گهٽتائي اچي، اسان صنعتي شعبي جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، خودڪار نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي.
