129

هر پاسي مشين گنون لڳل آهن، ڪجهه ٿيو ته ڇا اِهي عوام تي ئي هلنديون؟جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومت خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو اِشارو ڏئي ڇڏيو آهي. اربعا ڏينهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن ڄڻن واري  بينچ خيبرپختونخوا  گورنمنٽ ايڪٽ 2013ع جي شق 39 ۽ 41 تي عمل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير جو ذڪر ٿيو. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته آئين تي عمل نه ٿيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين، 14 مهينا گذري ويا آهن مڪاني چونڊون ڇو نه ڪرايون ويون؟ عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت جا وڪيل ڇو ٿا ڊڄن ۽ حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهن، توهان عوام جي پيسي سان حڪومت ڪندا آهن ڪنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي، توهان جي حفاظت ڪرڻ وارو الله آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ملڪ ۾ هر پاسي وي آءِ پي ڪلچر جي تحت روٽ لڳندا آهن، ڇا مديني جي رياست اهڙي ٿيندي آهي؟ هر پاسي مشين گنون لڳل نظر پيون اچن، ڪجهه ٿيو ته ڇا اِهي سڀ گنون عوام تي ئي هلنديون؟ڪشمير تي اليڪشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا پر  پنهنجي صوبي ۾ مڪاني چونڊون نه پيا ڪرائين، ڇا صوبي ۾ عوام جا حق نه آهن، مڪاني چونڊون نه ڪرائي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو