156

احتساب عدالت شهباز کي بڪتربند ۾ آڻڻ کان روڪي ڇڏيو، بلٽ پروف گاڏي ڏيڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ گرفتار قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز کي بڪتر بند گاڏين ۾ پيش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٻنهي ملزمن کي بلٽ پروف گاڏين ۾ عدالت آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتربند گاڏين ۾ عدالت ۾ پيشي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي ايڊيشنل هوم سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي لاهور عدالت آڏو پيش ٿيا ۽ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته شهباز شريف جي جان کي خطري سبب بڪتربند گاڏين ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. عدالت رپورٽ رد ڪندي ٻنهي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو هو ته جيل ۾ تڪليف آهي ان جي باوجود بڪتربند گاڏين ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 26 نومبر تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو